ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 119 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ ساڍا 3 هزار ٿي ويو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 119 ماڻهو ڪرونا وگهي فوت ٿيا فوتين جو انگ 3500 کان وڌي ويو وڌيڪ 4951 ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ڪل انگ هڪ لک 76 هزار 617 ٿي ويو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪرونا جا تازه انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا جنهن مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 119 ماڻهو فوت ٿيا جنهن کان پوءِ ڪرونا وگهي فوتين جو انگ 3501 ٿي ويو اين سي او سي مطابق 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 4951 ڪيس رڪارڊ ٿيا. ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن جو ڪل انگ هڪ لک 76 هزار 617 ٿي ويو سنڌ ۾ ڪرونا ڪيس سڀ کان وڌيڪ آهن سنڌ ۾ ڪرونا ڪيس 67 هزار 353 رپورٽ ٿيا اين سي او سي مطابق پنجاب ۾ 65739 خيبرپختونخواهه 21444 بلوچستان ۾ 9328 ڪرونا ڪيس رپورٽ ٿيا اسلام آباد ۾ 10662، گلگت ۾ 1277، آزاد ڪشمير ۾ 813، ملڪ ۾ ڪرونا جون 24 ڪلاڪن ۾ 27855 ٽيسٽون ڪيون ويون هن وقت تائين 10 لک 71 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *