ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 33 انساني جانيون کسي ورتيون، 2 هزار 50 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي/اسلام آباد (م.ڊ/اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 33 انساني جانيون کسي ورتيون، 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 50 نوان ڪيس رپورٽ 76 هزار 82 ٿي ويو، اين سي او سي موجب ايڪٽو ڪيسن جو انگ 29 هزار 55 ٿي ويو، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 7 هزار 193 ٿي ويو، حيدرآباد ۾ ڪورونا ۾ ورتل پيرسن شخص دم ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ عالمي وباءَ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 13 مريض لاڏاڻو ڪري ويا ۽ گڏيل طور تي فوتگين جو انگ 2924 ٿي ويو آھي ۽ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1419 ڪيس سامھون آيا آھن اھڙي ريت گڏيل طور تي ڪيسن جو انگ 173014 ٿي ويو آھي ۽ ھن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 1961855 ٽيسٽ ڪيا ويا آھن. وزيراعليٰ ھائوس مان آچر ڏھاڙي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ ڪورونا وائرس ۾ ورتل وڌيڪ 13 مريض فوت ٿيا آھن جنھن ڪري فوتگين جو انگ 2924 ٿي ويو آھي جيڪا شرح فوتگي 1.7 سيڪڙو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ 10081 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1419 نوان ڪيس سامھون آيا جيڪا موجودا چڪاس جي 14 سيڪڙو شرح آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اڃا تائين 1971936 ٽيسٽ ڪيا ويا آھن جن مان 173014 مريض رپورٽ ٿيا آھن، انھن مان 88 سيڪڙو يعني 151529 صحتياب ٿي ويا آھن، انھن ۾ 24 ڪلاڪن دوران صحتياب ٿيل 764 شامل آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ھن وقت 18561 مريض علاج ھيٺ آھن جن ۾ 17777 گھرن اندر قرنطينا آھن، 14 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 770 مختلف اسپتالن ۾ موجود آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ھن وقت 685 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي، جن ۾ 61 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سموري صوبي جي 1419 ڪوورنا ڪيسن ۾ 1132 نوان ڪيس ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. 24 ڪلاڪن دوران وڌندڙ ڪيسن بابت ضلعوار انگ اکر بيان ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 356، اوڀر ڪراچيءَ ۾ 324، وچ ڪراچيءَ ۾ 132، ڪورنگيءَ ۾ 118، اولھھ ڪراچيءَ ۾ 123، حيدرآباد ۾ 100، ملير ۾ 79، شھيد بينظيرآباد ۾ 31، ٽنڊو محمد خان ۾ 27، ڄام شورو ۾ 17، مٽياريءَ ۾ 15، سکر ۾ 11، گھوٽڪيءَ ۾ 11، ميرپورخاص ۾ 10، ٽنڊو الھيار ۾ 10، لاڙڪاڻي ۾ 6، ٽٺي ۾ 6، سجاول ۾ 4، نوشھروفيروز ۾ 2، سانگھڙ ۾ 2، عمرڪوٽ ۾ 2، بدين، دادو، قمبر-شھدادڪوٽ، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ ھڪ ھڪ وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ صوبي جي عوام تي زور ڀريو تھ اھي ايس او پيز تي عمل ڪندي محفوظ رھو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *