ملڪ ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 204 ٿي ويو، وڌيڪ ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 60 ٿي ويو

ڪراچي/اسلام آباد (م.ڊ         ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 204 ٿي ويو، وڌيڪ ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 60 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 208 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 60 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب، سڀ کان وڌيڪ 20 ڪورونا متاثر مريض سنڌ ۾ فوت ٿيا آهن، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 18 ڄڻا فوت ٿيا آهن. اين سي او سي موجب، پنجاب ۾ ڪورونا وائرس سبب 16 ڄڻا، بلوچستان ۾ 2، گلگت بلتستان 03، اسلام آباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 1036، پنجاب ۾ 2 هزار 108، بلوچستان ۾ 2010، خيبرپختونخواهه ۾ 5 سئو27، اسلام آباد ۾ 83، گلگت بلتستان ۾ 212 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 28 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڊپارٽمينٽ ڪورونا وائرس جي متاثرن جي اپ ڊيٽ لسٽ جاري ڪري ڇڏي، پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ مريضن جو انگ وڌي ويو آهي. ترجمان موجب، لاهور جي جناح اسپتال ۾ مغل پورا جو رهواسي 42 ورهين جو مريض وائرس وگهي فوت ٿي ويو آهي. ترجمان موجب، فوت ٿي ويل مريض نه ڪنهن ملڪ جو سفر ڪيو ۽ نه ئي وري ڪنهن متاثر شخص سان رابطو ڪيو. صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 16 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *