ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 64 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، 1910 نوان ڪيس به رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 64 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 1910 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 40821 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1910 ڄڻن ۾ ڪورپاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 64 ڄڻا فوتونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 64 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مثبت اچڻ جي شرح 4.67 سيڪڙو رهي. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 11514 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 5 لک 39387 تائين پهچي وا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 33295 آهي.ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2371 مريض ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 94578 ٿي ويو آهي. سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 243683 ٿي ويو آهي جڏهن ته 3957 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو انگ 155805 آهي ۽ 4661 ڄڻا ان وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو گڏيل انگ 18788 ۽ فوتگيون 193 ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 66198 ۽ 1870 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8931 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 259 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي مريضن جو انگ 4906 ۽ 102 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *