ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 12 فوت، فوتين جو انگ 312 ۽ متاثرن جو ساڍا 14 ٿي ويو

ڪراچي/اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر/اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 312 ٿي ويو آهي، نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ سان انگ 14504 ٿي ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ سينٽر موجب اڱاري تي سڄي ملڪ مان ڪرونا جا وڌيڪ 447 ڪيس ظاهر ٿيا، 3 ڄڻا فوت ٿيا، جن مان پنجاب ۾ 90 ڪيس، 4 فوت، سنڌ 335 ڪيس، 7 فوت، اسلام آباد 16 ڪيس، هڪ فوت، بلوچستان هڪ فوت ۽ آزاد ڪشمير مان 6 ڪيس رپورٽ ٿيا، سنڌ جي وڏي وزير ڪيسن ۽ فوتين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته صوبي ۾ نون ڪيسن کانپوءِ مريضن جو انگ 5291 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين 92 فوت ٿي چڪا آهن، مرتضيٰ وهاب موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 38 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن،. صحتياب ٿيندڙن جو انگ 963 ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ 90 ڪيس ظاهر ٿيا، 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، مريضن جو انگ 5730 آهي، 95 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، 768 زنوار، 1925 تبليغي، 86 قيدي ۽ 2951 عام شهري آهن، اسلام آباد ۾ 16 ڪيس ظاهر ٿيا ۽ هڪ فوت ٿيو آهي جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي، نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ انگ 261 ۽ 4 فوت ٿيا، بلوچستان ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، صوبي ۾ ڪرونا سبب فوتين جو انگ 14 ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ سومر تي ڪرونا جا وڌيڪ 72 مريض ظاهر ٿيا جنهن کان پوءِ انگ 853 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين 177 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير ۾ وڌيڪ 6 ڪيس ظاهر ٿيا، ڪل مريضن جو انگ 65 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس کان جاري ٿيندڙ پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته پهريون ڀيرو سندس حڪومت 4112 کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا جنهن مان 335 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته 7 مريض ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويا. هن چيو ته هيل تائين 48061 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن مان 5291 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اهڙي ريت انفيڪشن جي شرح 12 سيڪڙو کان گهٽجي 8.15 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته اها همٿائڻ جوڳي ڳالهه آهي پر پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان ۽ ٻين کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه چيو ته اڄ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ هلاڪ ٿيندڙن جو انگ 92 ٿي ويو آهي جيڪو ٽوٽل مريضن جو 1.73 سيڪڙو ٺهندو آهي. هن چيو ته 38 وڌيڪ مريض صحتياب ٿي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا آهن ۽ هن وقت تائين صحتياب ٿيندڙن جو انگ 963 تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته صحتياب ٿيندڙن جي شرح 18.2 سيڪڙو ٺهندي آهي. مراد علي شاهه موجب 4236 مريض علاج هيٺ آهن جنهن مان 2915 گهرن ۾ آئسوليشن ۾، 872 آئسوليشن مرڪزن ۾ ۽ 449 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 48 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن مان 13 ڄڻا وينٽيليٽرز تي آهن. مريضن بابت ضلع جي حساب سان تعداد ٻڌائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ 258 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هن وقت 5291 ڪيسن مان 1609 جو تعلق ڪراچي سان آهي. مراد علي شاهه چيو ته ضلع ڏکڻ ۾89 نون ڪيسن سان گڏ تعداد 1037 آهي، ضلع اوڀر  ۾ 53 نوان ڪيسن سان گڏ 821 ڪيس، ضلع مرڪز ۾ 43 نون ڪيسن سان گڏ تعداد 655 آهي، ضلع ملير ۾ 21 نون ڪيسن سان گڏ 312، ضلع اولهه ۾ 24 نون ڪيسن سان گڏ 392 ۽ ڪورنگي ۾ 28 نون ڪيسن سان گڏ 392 آهي. هن چيو ته اها ڪا سٺي صورتحال نه آهي ۽ اسان سڀني کي محتاط رهڻو پوندو. ٻين ضلعن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته حيدرآباد ۾ 17 نون ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي، جيڪب آباد ۾10، سکر ۾ 7، شڪارپور ۾ 7، شهيد بينظيرآباد ۾ 6، ٽنڊو محمد خان ۾ 6 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 5 شامل آهن. هن چيو ته ڪورونا وائرس ڳوٺاڻي علائقن ۾ پکڙجڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي سنجيده ڪوششن باوجود به ماڻهو سماجي وٿيءَ کي اختيار نه پيا ڪن جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو پاڻ انفيڪشن ۾ مبتلا ٿين ٿا پر ٻين کي به متاثر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هوءَ وڌيڪ آئسوليشن مرڪز تيار ڪري رهيو آهي.  ايڪسپو سينٽر جي گنجائش 1200 کان وڌائي 1500 بستر ڪئي پئي وڃي، پي اي ايف ميوزم سائيٽ ۾ 600 بستر، گڏاپ سٽي اسپتال ۾ 150 بستر، دمبا ڳوٺ اسپتال ۾ 100 بستر ۽ فيلڊ آئسوليشن سينٽر ۾ 100 بستر شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته نون مريضن جي اضافي سبب آئسوليشن مرڪزن کي وڌائڻ ضروري آهي ته جيئن ڳتيل علائقن کان مريضن کي هتي منتقل ڪري سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *