ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 43 ڄڻا فوت، 1700 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 43 مريض فوت 1700 کان وڌيڪ ڪيس به رپورٽ ٿيا پاڪستان ۾ ڪرونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ مطابق گزريل 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ۾ ڪرونا جا 39425 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1786 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس وگهي 43 فوتگيون ٿيون سرڪاري پورٽل مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوتين جو انگ 13334 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 5 لک 95239 ٿي ويا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 16699 آهي ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1393 مريض ڪرونا مان صحيتاب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 565216 ٿي ويو آهي سرڪاري پورٽل مطابق سنڌ  ڪرونا جي مريضن جو گڏيل انگ 260150 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4442 ماڻهو هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن پنجاب ۾ ڪرونا جي ڪل مريضن جو انگ 179654 اهي ۽ 5629 ماڻهو هن وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل انگ 19141 ۽ 202 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخنوا ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 74433 ۽ 2122 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته ازاد ڪشمير ۾ 10673 ماڻهن ۾ وائرس آهي ۽ 314 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪرونا جي مريضن جو انگ 4959 ۽ 103 ماڻهو لاڏاڻو ڪري چڪا آهن پورٽل مطابق اسلام اباد ۾ ڪرونا جي مريضن جو گڏيل انگ 46229 آهي ۽ هن وقت تائين 512 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *