ملڪ ۾ پيئڻ جو پاڻي 61 ۽ ڪراچي جو 93 سيڪڙو تائين غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ جي وڏن شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي 93 سيڪڙو تائين غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت سينيٽ ۾ ڏنل لکت جواب ۾ چيو ته 2020 ۾ ملڪ جي 29 شهرن مان پيئڻ جي پاڻي جا نمونا ورتا ويا ۽ پاڻي جي نمونن مطابق ملڪ ۾ 61 سيڪرو پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي لکت جواب ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته نوابشاهه مان ورتل پاڻي جا 100 سيڪڙو نمونا غير محفوط هئا جڏهن ته گلگت ۽ ميرپورخاص جي پاڻي جا سمورا نمونا به 100 سيڪڙو غير محفوط ڏٺا ويا وزارت مطابق ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جا 93 سيڪڙو نمونا غير محفوظ آهن جڏهن ته سکر ۾ 67، حيدرآباد 80 ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پاڻي جا نمونا غير محفوظ ڏٺا ويا لکت جواب ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جا 29 سيڪڙو نمونا غير محفوط هئا جڏهن ته بهاولپور ۾ 75، ملتان 94، سرگودا 83، لاهور 31، قصور 10، مظفرآباد 70 ۽ ڪوئٽا جي پاڻي جا 65 سيڪڙو نمونا غير محفوط هئا وزارت مطابق گجرات ۽ سيالڪوٽ مان ورتل پاڻي جا سمورا نمونا محفوظ هئا شبلي فراز ٻڌايو ته ملڪ مان پاڻي جا نمونا شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن مان ورتا ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *