ملڪ ۾ نون چونڊن جو مطالبو ، 22 ڪروڙ عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت چونڊڻ جو موقعو ڏنو وڃي: سراج الحق

ڪراچي/سکر (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي امير سراج الحق ملڪ ۾ نون چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي پنهنجي مرضي جي قيادت چونڊڻ جو موقعو ڏنو وڃي، مُدي خارج نظام ۽ امام کي بدلائڻ لاءِ جماعت اسلامي ڀرپور ۽ فيصلائتي تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، عدل ۽ انصاف جي حڪمراني لاءِ عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي، اسان کي موقعو مليو ته وياج واري نظام کي ختم ڪري اسلامي نظام، طبقاتي تعليمي نظام جي جاءِ تي هڪجهڙو تعليمي نظام ۽ ظلم بدران عدل ۽ انصاف وارو نظام قائم ڪنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن مهانگائي، بيروزگاري، وياج واري نظام ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي خلاف ميناره روڊ سکر پريس ڪلب تي رٿيل ڌرڻي کي خطاب دوران ڪيو. ان کان اڳ مرڪزي امير جو جسله گاهه پهچڻ تي شاندار استقبال، ٻارڙن پاران گلدستو پيش ڪيو ويو. ڌرڻي کي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، صوبائي امير محمد حسين محنتي، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله چنا، نائب قيم عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا حزب الله جکرو، جي آءِ يوٿ سنڌ جي صدر حسن کوسو، چيف سردار زبير خان سولنگي، ضلعي امير سلطان لاشاري، مقامي امير زبير حفيظ شيخ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.سراج الحق وڌيڪ چيو ته  پ پ ۽ پي ٽي آءِ جو اختلاف ملڪ ۽ قوم لاءِ نه، پر ذاتي مفادن لاءِ آهي، انڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته شهزادن ۽ ظالمن جي جنگ ۾ سندن ساٿ ڏيڻ بدران عوام جي حقن لاءِ ويڙهه ڪنداسين، جاگيردارن ۽ وڏيراشاهي جي سياست کان عوام کي ڪجهه به ڪونه ملندو، ايم ڪيو ايم پاران 12 مئي سانهي تي اعتراف ۽ معافي کان پوءِ کائنس حساب ڪتاب وٺڻ گهرجي جيئن خبر پئجي سگهي ته هنن اهو قتل عام ڪنهن جي اشارن تي ڪيو هو.سراج الحق پشاور سانحي جي شديد مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پشاور سانحو ۽ مَدئجي ۾ 09 ماڻهن جو قتل حڪمرانن جي نااهلي ۽ بي حسي جو نتيجو آهي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت توڙي سندن دردن جو درمان ڪرڻ بدران حڪمران پارٽين پاران لانگ مارچ مان سندن سنگدلي جو ثبوت ملي ٿو ته هنن جي نظرن ۾ عوام جي جان جي ڪابه قيمت ڪونه آهي، نااهل حڪمرانن شاهوڪار سنڌ جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جا ماڻهو صاف پاڻي سميت بنيادي انساني سهولتن کان به محروم آهن. مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽوخطاب ڪندي چيو ته پ پ سنڌ ۾ گذريل 14 سالن کان اقتدار ۾ هجڻ ۽ پي ٽي آءِ وفاق ۾ ساڍن ٽن سالن کان حڪومت ۾ آهن ان باوجود عملي طرح سان ٻنهي پارٽين عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران سندن مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي، ٻنهي پارٽين جو هڪٻئي خلاف مارچ جهموريت ۽ عوام سان مذاق آهي، ٻئي پارٽيون هڪٻئي خلاف احتجاج ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائين، اسان رڳو دعوائون نه پر نعمت الله خان، سراج الحق ۽ پروفيسر غفور اهمد جهڙن جي ڪردار کي سامهون رکي ڳالهه ڪندا آهيون. صوبائي امير محمد حسين محنتي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده نااهل ۽ نالائق حڪومت خلاف سکر ۾ ڪامياب ڌرڻو عوامي بيداري جو ثبوت آهي، مهانگائي عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، تبديلي دراصل تباهي ۾ ثابت ٿي چڪي آهي، هن وقت ڪراچي کان ڪشمور تائين سموري سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، نواب ولي محمد واقعي ۾ 06 بي گناه ماڻهن جو قتل ۽ تازو شڪارپور مدئجي ۾ 09 ماڻهن جي قتل سان لڳي ٿو ته سنڌ ۾قانون نالي ڪنهن شيءِ جو وجود ئي ڪونه آهي، سنڌ ۾ لڳاتار پ پ جي حڪومت باوجود عام ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم  آهن، ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ۽ مسئلن جي حل لاءِ عوام هاڻي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *