ملڪ ۾ نئين تاريخ ٺهڻ وڃي رهي آهي، جيڪو به فيصلو آيو دل سان قبول هوندو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي مان هو خوش آهي، اها سڄي پاڪستان جي فتح آهي، جيڪو به فيصلو آيو، ان کي خوش دلي سان قبوليو ويندو، جڏهن ته 2015 چونڊن جو سال آهي. 2013 وارين عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلين جي جاچ لاءِ قائم جڊيشل ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ صحافين  سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جڊيشل ڪميشن کين ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي  مهلت ڏني آهي، جڏهن ته نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کان  به تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. عمران خان چيو ته جڊيشل ڪميشن معاملي جي جاچ ۾ سنجيده آهي ۽ ملڪ ۾ نئين تاريخ ٺهڻ وڃي رهي آهي. عمران خان چيو ته جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ منظر عام تي اچڻ سان جمهوريت هڪ ٻي ليول تي هلي ويندي. هن چيو ته ڌانڌلي جي شڪايت هُن ڪئي هئي پر اڄ 21 سياسي پارٽيون ساڳي شڪايت سان سامهون آيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *