ملڪ ۾ لاقانونيت کي روڪڻ لاءِ آپريشن ردالفساد شروع ڪيو ويو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ)  اسلام آباد: اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) دهشتگردي جي لعنت ۽ توانائي جي کوٽ جهڙن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ پائيدار اقتصادي واڌويجهه حاصل ڪرڻ جا واعدا پورا ڪيا آهن ۽ ايندڙ چونڊون ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهندي، پاڪستان فيصلائتي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه ملڪ لاءِ هڪ نعمت آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر پورو خطو پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٻين پارٽين جي پاليسين جو مقابلو پنهنجي ڪارڪردگي سان ڪري رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان بدلجي رهيو آهي ۽ هتي استحڪام اچي رهيو آهي. هن چيو ته هاڻي سياست ۽ ڪارڪردگي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ عوام پارٽين کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان فيصلائتي دور مان گذري رهيو آهي، هتي جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن ۽ جمهوري عمل ۾ عوام جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ ڪيل واعدا پورا ڪيا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن وقت پاڪستان مسلم ليگ (ن) حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ ۱٦ کان ۱۷ ڪلاڪ روزاني لوڊشيڊنگ ٿي رهي هئي پر هاڻي صورتحال واضح طور تي مختلف آهي. شهرن ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي ٽي ڪلاڪ ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ٦ ڪلاڪن تائين اچي وئي آهي، ۱۴ سالن کانپوءِ گذريل ٻن سالن کان صنعتن کي بنا ڪنهن وقفي جي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۽ روزگار تي مثبت اثر پيا آهن. هن چيو ته فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عوام گذريل ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن، ۲۰۱۳ع تائين دهشتگردن جي خلاف جنگ بنا ڪنهن جوابي بيانيه جي وڙهي وئي ان سال ڪراچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ قومي داخلي سيڪيورٽي پاليسي جو اعلان ڪيو ويو. هن چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ قومي ايڪشن پلان تي عمل شروع ڪيو ويو، ۲۰۱۳ع ۾ دهشتگردي جا ۲۴۰۰ واقعا ٿيا جڏهن ته ۲۰۱۷ع ۾ ۱۷۰ کان ۱۸۰ واقعا ٿيا. مريم اورنگزيب چيو ته دنيا جي دهشتگردي جي خاتمي جي سڀ کان وڏي قدم آپريشن ضرب جي نتيجي ۾ دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن، ملڪ ۾ لاقانونيت کي روڪڻ لاءِ آپريشن ردالفساد پڻ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪي معيشت کي بلند واڌ ويجهه جي شرح جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمورين سروي جا انگ اکر پاڪستاني معيشت کي وڌندڙ ظاهر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ۲۰۱۳ع ۾ پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار هو ۽ دنيا ان جي استحڪام جي حوالي سان پنهنجا خدشا ظاهر ڪري رهي هئي جڏهن ته اڄ پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ايشيا جي سڀ کان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج بڻجي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي تعليمي سڌارن وارو پروگرام شروع ڪري پنهنجي هڪ ٻئي واعدي کي مڪمل ڪيو آهي. پاڪستان ٻارن جي داخلا جي ۱۰۰ سيڪڙو شرح حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ پنجاب ۵۵ هزار اسڪولن سان نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ملڪ لاءِ هڪ نعمت آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر پورو خطو پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندو، اقتصادي لنگهه دنيا جي سمورن وڏن اقتصادي مرڪزن کي ڳنڍيندو، ان منصوبي کي پوري دنيا گيم چينجر قرار ڏنو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪي عنصر پاڪستان کي پٺتي ڌڪڻ چاهين ٿا اهي سي پيڪ کان ڊنل آهن پر پاڪستان جي عوام اهڙن عنصرن جي ڪڌن ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته ميڊيا کي اهڙن نازڪ معاملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي حقيقتن جي خلاف هجن. ميڊيا ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندي سي پيڪ کي متاثر ڪندڙ عمل کان پاسو ڪري. هن چيو ته جيڪي عنصر پاڪستان ۽ هن خطي جا سڄڻ نه آهن اهي افراتفري چاهين ٿا ته جيئن سي پيڪ تي ڪم جي رفتار ۾ رڪاوٽ اچي، سياست ڪندڙن جي لاءِ ٻيا به اشوز موجود آهن ان لاءِ قومي مفادن جي معاملن تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *