ملڪ ۾ لائيو اسٽاڪ سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ لائيو اسٽاڪ سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي سان معاشي ترقي، غذائي تحفظ ۽ غربت ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي لاڳاپيل کاتا گوشت ايڪسپورٽ ڪندڙن کي سهولتون ڏيڻ، مشڪلات هل ڪرڻ لاءِ قدم کڻن، سومر تي صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ گوشت برآمدات ۽ پراسيسنگ متعلق اجلاس ٿيو جنهن ۾ گوسٽ ايڪسپورٽ جي سلسلي ۾ مختلف معاملن ۽ چئلينجز تي ڄاڻ ڏني ويئي. صدر چيو ته لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ ناڻو حاصل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي بين الاقومي معيار مطابق شيون تيار ڪري برامدي قيمت ۾ اضافو ضروري آهي هن چيو ته حلال فوڊ جي تصديقي عمل ۽ قرنطينه سرٽيفيڪٽ جاري ڪرڻ واري عمل کي آسان بنائڻ جي ضرورت آهي حڪومت گوشت ايڪسپورٽ ڪندڙن ۽ پراسيسرز جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *