ملڪ ۾ شفاف چوندن لاءِ چونڊ سڌارا ضروري آهن: شھباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته گذريل حڪومت چئن سالن ۾ قوم تي ٻيڻو قرض سٿي ڇڏيو جنهن جي ڪري غريب جي زندگي وڌيڪ مشڪل ٿي وئي. حڪومت غريب ماڻهو جون بنيادي زندگي جون ضرورتون اٽو، علاج ۽ دوا گهٽ خرچن تي مهيا ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان آهي اهڙن خيالن جوا ظهار هن ملاقات لاءِ آيل قونصل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي وفد سان ملاقات ڪندي ڪيو ملاقات ۾ مريم اورنگزيب، سيڪريٽري انفارميشن شاهيرا شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ٻيا شامل هئا وفد ۾ سي پي اين اي جو صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر پنجاب ارشاد احمد عارف سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ٻيا ميمبر شامل هئا وزراعظم شهبازشريف اهو عزم ورجايو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي تي ڪنهن قسم جي پابندي لڳائڻ جو ارادو نٿي رکي وزيراعظم ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته پيڪا آرڊيننس سميت ٻين سمورن قانونن تحت صحافين جي خلاف اجايو ڪارروائين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم پهريان ئي قانون واري وزارت کي ڏنو ويو آهي وزيراعطم شهبازشريف صحافت جي آزادي جمهوريت جي بقا ۽ جمهوري ادارن جي ارتقا ۾ سي پي اين اي جي اداري طور هاڪاري ڪردار کي ساراهيو وزيراعظم شهبازشريف چيوت ه حڪومت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ ذميواراني صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سي پي اين اي سميت صحافين جا ٻيا نمائندا ادارن سان گڏجي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي حڪومت بجلي جي پيداوار ۽ ان جي روانگي ۽ رسد کي يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ته جيئن عوام جي تڪليف جو ازالو ڪري سگهجي هن چيو ته گذريل حڪومت چئن سالن ۾ قوم تي ٻيڻا قرض سٿي ڇڏيا جنهن جي ڪري غريبن جي زندگي اڃا وڌيڪ مشڪل ٿيندي وزيراعظم شهبازشريف اهو عزم به ورجايو ته ملڪ ۾ شفاف چوندن لاءِ چونڊ سڌارا ضروري آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *