ملڪ ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيندڙن جو رستو روڪيو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ملڪ مان دهشگردي جومڪمل خاطمو ۽ انتهاپسنديءَ خلاف قومي عزم مضبوط آهي.وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحيٰ اجلاس ٿيو،جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري  نثار علي خان،آرمي چيف جنرل راحيل شريف،آئي ايس آئي سربراهه ميجر جنرل رضوان اختر ۽ وزيراعظم جي قومي معاملن بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه شامل هو.اجلاس  ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان سوڌو ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چرسدا سانحي تي بريفنگ ڏني ۽ اجلاس ۾ شامل ٿيندڙن کي افغانستان جي زمين استعمال ٿيڻ جون شاهديون به ڏنيون.ان کانسواءِ آرمي چيف جنرل راحيل  شريف ضرب عضب جي حوالي سان به بريفنگ ڏني.جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون بيشمار قربانيون تعريف جي لائق آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *