ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين صبح جلد اڀرندي: ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين صبح جلد ايندي ۽ وطن عزيز پرامن طاقتور ۽ ترقي يافته ملڪن جي حيثيت سان اڀرندو جنهن جا عوام جي معيار زندگي تي انتهائي مثبت اثر پوندا صدر اها ڳالهه ڪامسيٽس انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالوجي جي 28هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪئي. صدر ان موقعي تي چيو ته ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن سبب ملڪ ۾ خرابيون ختم ٿي وينديون ڇو ته هاڻي ملڪ ۾ ڌانڌلي جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ملڪ انشاءالله بهتري طرف ويندو ۽ اقوام متحده ۾ انتهائي بلند مقام حاصل ڪندو هن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ديني ۽ اعليٰ اقدار جي مطابق اعليٰ ترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي پاڪستاني شناخت تي ڪڏهن به ڪو ڏکيو وقت نه اچڻ ڏين ڇو ته اهو ئي ترقي ۽ سربلندي جو راز آهي هن چيو ته ان مقصد لاءِ تعليمي ادارن ۽ تمام اسٽيڪ هولڊرن کي حڪومت سان تعاون ڪندي نصاب کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت تعليم سان گڏوگڏ اقتصادي استحڪام لاءِ به وڏي جدوجهد ڪري رهي آهي جنهن پاڪ چين اقتصادي شاهراه ۽ بجلي جي پيداوار جا ڪيترائي منصوبا شامل آهن. صدر ان تاثر جي ترديد ڪئي ته موجوده دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي هن چيو ته هلندر دور ۾ ماضي جي قرضن جي ادائيگي لاءِ قرض ورتا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي غير ملڪي قرض ادا ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊل ۽ ڪامياب شاگردن ۾ صندون به ورهايون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *