ملڪ ۾ امن امان جي حوالي سان سخت نظر رکي وڃي: نواز شريف

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف پنهنجي زال ڪلثوم نواز سان گڏ هڪ هفتي جي خانگي دوري تي لنڊن لاءِ روانو ٿي ويو روانگي کان اڳ وزيراعظم جي صدارت غير رسمي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پانامه ليڪس سميت ملڪي سياسي صورتحال ۽ بين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته هو علاج لاءِ لنڊن وڃي رهيو آهي جڏهن ته چئن پنجن ڏينهن ۾ واپس اچي ويندو تفيصل موجب وزيراعظم سندس زال ۽ پنهنجي اسٽاف جي ميمبرن سان گڏ خصوصي اڏام ۾ لنڊن لاءِ روانو ٿيو وزيراعظم هڪ هفتي جي خانگي دوري تي لنڊن ويو جتي هو پنهنجو طبي معائنو ڪرائيندو ۽ پوءِ وطن واپس ايندو ان کان اڳ وزيراعظم نوازشريف رائونڊ ۾ پنهنجي رهائشگاهه جاتي امره کان هيليڪاپٽر ذريعي لاهور ايئرپورٽ پهتو جتي روانگي کانا ڳ وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ غير رسمي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ شهبازشريف چوڌري نثار اسحاق ڊار سميت ٻيا اڳواڻ شامل ٿيا وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل غير رسمي اجلاس ۾ پانامه ليڪس سميت ملڪي سياسي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون ان موقعي تي وزيراعظم نوازشريف ملڪ ۾ امن امان جي حوالي سان سخت نظر رکڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته هن سينيئر وزيرن پرنسپل سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري کي خصوصي هدايتون ڏنيون اولڊ ايئرپورٽ تي ڊاڪٽرن وزراعظم نوازشريف جو طبي معائنو ڪيو وزيراعطم جو چوڻ هو ته هو علاج لاءِ لنڊن وڃي رهي آهي جڏهن ته چئن پنجن ڏينهن ۾ وطن واپس اچي ويندو عمران خان به ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ لنڊن لاءِ روانو ٿيندو جڏهن ته آصف زرداري پهريان ئي لنڊن ۾ موجود آهي ان کان سواءِ الطاف حسين به لنڊن ۾ ئي موجود آهي جڏهن ته ان جي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جو ڪوئي امڪان نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *