ملڪ کي يوٽرن وٺندڙ سياسي قيادت جي ضروت ناهي: نواز شريف

اسلام آباد/هري پور(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي يوٽرن وٺندڙ قيادت جي ضرورت ناهي، ٻڌايو وڃي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪهڙو نئون پاڪستان ٺهيو آهي هري پور ۾ پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف دٻيل لفظن ۾ پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻايو هن جو چوڻ هو ته ملڪ کي يوٽرن وٺندڙ قيادت جي ضرورت ناهي ٻڌايو وڃي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪهڙو نئون پاڪستان ٺهيو آهي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن بحال ٿي رهيو آهي، ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا جو خاتمو ڪيو ويو آهي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت اهو ئي ڪري رهي آهي جنهن جي پاڪستان کي ضرورت آهي، لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، 2017 تائين ملڪ مان مڪمل طور تي بجلي جو بحران ختم ڪري ڇڏينداسين، وزيراعظم چيو ته اسان دهشتگردي خلاف  فيصلائتي جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ ڪاميابين تي پاڪ فوج مبارڪباد جي مستحق آهي، وزيراعظم ميان نواز شريف سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ملاقات ڪري يمن صورتحال، ٻـه طرفن لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرائيم منسٽر هائوس اسلام آباد ۾ ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ يمن جي صورتحال، پاڪ-ايران لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *