ملڪ کي ترقي لاءِ ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ضروري آهي: سراج الحق

لاچي (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ کي ترقي لاءِ ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ضروري آهي، بنگلاديش جي جماعت اسلامي جي امير کي پاڪستان سان وفاداري جي پاداش ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو، ان باوجود به پاڪستاني حڪومت ۽ سياستدان ماٺ ڪيو ويٺا آهن، خابرو ادارن موجب لاچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي پاڪستان ۾ مڪمل اسلامي نظام ۽ خلافت چاهي ٿي، جماعت اسلامي جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي رياست ٺاهينداسين، سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سڀني سياستدانن کي احتساب لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، سڀني کان پهرين آءُ پاڻ احتساب لاءِ پيش ٿيندس، سراج الحق چيو ته پاناما ليڪس ۾ جنهن جو به نالو آيو آهي ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *