ملڪ کي اونداهه مان ڪڍڻ وارو عمل جاري رکنداسين: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته قومي پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي تي متحد آهي ڪنهن کي تعمير ۽ ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندي عدم استحڪام پيدا ڪري عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪيندڙ ڪالهه به ناڪام ٿيا هئا ۽ آئينده به ڪامياب نه ٿيندا ماضي ۾ به سخت کان سخت انتقامي احتساب مان ڪامياب ٿي نڪتو آهيان اسان جو دامن صاف آهي خوشي آهي پاڪستان پهريون ڀيرو قدرت پاران عطا ڪيل ڪوئلي جي کاڻين مان بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو خميس تي وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي وزيرن صلاحڪارن ۽ معاون خاص جي هڪ خصوصي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا پاڪستان ۾ جاري تعمير ۽ ترقي، معيشت جي بحالي، توانائي جي وڏن وڏن منصوبن انفرااسٽريڪچر ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبن جي شفافيت جي ڪائل آهي اسان ڪيترائي منصوبا اولين لاڳت جي ڪاٿن کان اٽڪل اڌ قيمت ۾ مڪمل ڪيا اسان جو مقصد واضح آهي ۽ اهو اهو آهي ته اسان پاڪستان کي مسئلن کي ڌٻڻ ۾ ڪاڊڻ چاهيون ٿا جيڪي سالن کان پاڪستان جي پچر نٿا ڇڏين ۽ جنهن سبب اسان ٻين قومن کان گهڻو پوئتي رهني ويا آهن اسان اقتدار بدران هميشه قدرن کي ترجيحي ڏني ۽ سمورن قومي معاملن ۾ ٻين جماعتن جي مشاورت سان فيصلا ڪيا وزيراعظم چيو ته انشاءالله 2018 تائين توانائي جا بيشتر منصوبا ايتري پيداوار ڏيڻ لڳندا جو ملڪ لوڊشيڊنگ مان نجات حاصل ڪري وٺندو هن چيو ته الله جي فضل سان اسان جو دامن صاف آهي اسان ماضي ۾ به سخت کان سخت انتقامي احتساب مان ڪامياب ٿي نڪتا آهيون وزيراعظم چيو ته قوم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي تي متحد آهي. وزيراعظم ڪابينه جي ميمبرن ۽ پوري قوم جو شڪريو اداڪيو ته انهن هن جي صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون ۽ ان جي خيريت معلوم ڪئي وزيراعظم پنهنجي بيماري ۽ علاج جي حوالي سان ڪابينه جي دوستن کي آگاهه ڪيو اجلاس ۾ ڪابينه جي ميمبرن موجوده صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته موجوده حالتن مان ڪجهه سياسي عنصر فائدو وٺن جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد بي يقيني پکيڙي حڪومت جو ڌيان اقتصادي ايجنڊا کان هٽائڻ آهي. وزيرن وڌيڪ چيو ته موجوده پروپيگنڊا جو نشانو وزيراعظم جي ذات يا ان جو خاندان نه پر ملڪ جو سياسي استحڪام ۽ ترقي جو عمل آهي. ان موقعي تي اتحادي جماعتن سان تعلق رکندڙ وزيرن وزيراعظم کي پنهنجي جماعتن ۽ قيادت پاران ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *