ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني سميت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم هلي رهيو آهي: ماروي ميمڻ

ڀٽ شاهه (رپورٽر) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ آچر ڏينهن هتي ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري، درگاهه تي حاضري بعد اي پي پي سان ڳالهائيندي ماروي ميمڻ چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان کيس وڏي ذميواري ڏني وئي آهي، جيڪا اڻ ٿڪ ڪوشش ۽ ايمانداري سان نڀائڻي آهي، ڀٽائي جي فلسفي تي عمل ڪندي ملڪ مان ڪرپشن ۽ بدعنواني سميت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪمهلي رهيو آهي، ملڪ مان غربت جي پاڻ پٽڻ ضروري آهي، هن چيو ته بي آءِ ايس پي پروگرام جو مقصد ملڪ جي غريب طبقي کي بهتر زندگي ۽ مالي طور مستحڪم بڻائڻ آهي، هن پروگرام ۾ ايماندار ۽ محنتي عملدار موجود آهن، جيڪي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن، ماروي ميمڻ چيو ته بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ اڃا به بهتري جي ضرورت آهي جنهن تي وڌيڪ ڪم جاري آهي، هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڄاڻايل پروگرام جي سلسلي ۾ چٽو موقف آهي ۽ 3 نقاطي فارمولا تي عمل جاري آهي، جنهن ۾ پروگرام کي صاف ۽ شفاف نموني هلائڻ، محنت ڪرڻ ۽ پروگرام کي ڪارائتو بڻائڻ آهي، هن چيو ته شاهه لطيف ڀٽائي جي فلسفي تي عمل ڪري ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، ملڪ ۾ ادارن کي خانگائڻ بابت سوال تي هن چيو ته موجوده حڪومت اهو سمورو ڪجهه ڪندي جيڪو ملڪ لاءِ بهتر هوندو، ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي شرح کي روڪڻ ۽ ٿر واسين جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي پروگرام شروع ڪري رهي آهي. بعد ۾ ماروي ميمڻ ڀٽائي جو راڳ پڻ ٻڌو، ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊائريڪٽر جنرل راجا ظفر الله سومرو ۽ مسلم ليگ (ن) يوٿ ونگ سنڌ جو صدر راجا خليق الزمان انصاري، بلاول راجپوت، ڊاڪٽر حما شاهه، عادل رشيد، حاجي فيض محمد، ڀٽائي درگاهه جو گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *