ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بنائڻ وزيراعظم جو منشور آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ مان ڪرپشن جو انت آڻڻ ۽ شفافيت کي يقيني بنائڻ وزيراعظم جو نصب العين آهي سياسي پارٽين ۽ پارليمينٽريز کي چونڊ عمل ۾ شفافيت سان بيهڻ گهرجي. پئسو لڳائي مٿي ايوان جو ميمبر بڻجڻ عوام بدران ذاتي مفاد جي تحفظ کي اهميت ڏيندا سومر تي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ شبلي فراز چيو ته سياسي پارٽين ۽ پارليمينٽرينز کي چونڊ عمل ۾ شفافيت سان بيهڻ گهرجي ان سان جمهوريت کي هٿي ۽ پارليمان جو وقار وڌندو هن چيو ته ووٽ جي خريد ۽ وڪرو ۽ هارس ٽريڊنگ آئين ۽ جمهوريت جي خدمت نٿي ٿي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *