ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو آندو ويندو: شهباز شريف

لاهور(م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته جيستائين سٺي ۽ خراب طالبان جو فرق ختم نٿو ٿئي، ملڪ کي تباهي کان ڪو به نٿو بچائي سگهي، دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽي پاڪستان کي پر امن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو. لاهور ۾ ماڊل ٽائون واري رهائشگاهه تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان سينيئر صحافين، ڪالم نگارن ۽ دانشورن ملاقات ڪئي، ملاقات دوران آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ شهيد ٿيل ٻارڙن جي دعا پڻ گهري وئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته پشاور ۾ دهشتگردن معصوم ٻارڙن کي بربريت جو نشانو بڻايو، ٻارڙن جي شهادت پاڪستان توڙي عالمي برادري کي لوڏي ڇڏيو آهي. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي سياسي پارٽين جو متحد ٿيڻ تاريخي قدم آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو آندو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته جيستائين سٺي ۽ خراب طالبان جو فرق ختم ڪري ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، ملڪ کي تباهي کان ڪو به نٿو بچائي سگهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته حڪومت دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو آڻي پاڪستان کي پر امن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *