ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو پهرين اهميت ۽ قومي عزم آهي: نواز شريف/راحيل شريف

اسلام آباد(بيورو) ملڪ جي فوجي ۽ سياسي قيادت شبقدرماڪي جي مذمت ڪندي پاڪستان مان دهشتگردي جي پوري ريت خاتمي جو عزم ورجايو آهي، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو پهرين اهميت ۽ قومي عزم آهي، رپورٽن مطابق اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، آئي ايس آئي جو ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ناصر جنجوعا شامل ٿيا، ذريعن مطابق اجلاس ۾ ملڪ ۽ خطي جي سيڪيورٽي واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ سان شب قدر ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *