ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جاري رهندو: صدر

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جاري رهندو، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو انقلاب آڻيندو، پاڪستان ڀارت سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهي ٿو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته قومي ايڪشن پلان تي ڪاميابي سان عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب ڪيو پيو وڃي،ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. صدر چيو ته دهشتگردن کي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ پناهه لاءِ جڳهه نه ملندي، اهي غلط فهمي نه رهن کين انجام تائين پهچايو ويندو. ممنون حسين چيو ته تمام جلد ڪراچي ۽ بلوچستان جون حالتون بهتر ٿي وينديون، ملڪ اندر هر حال ۾ امن قائم ڪيو ويندو. صدر ممنون حسين چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هـُو پنهنجي 60 هزار شهيدن کي ناهي وساريو، کين ڀيٽا پيش ڪن ٿا. صدر چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ئي ملڪي ترقي جو رستو آهي ۽ امن کانسواءِ ترقي ناممڪن آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ هر شهري کي برابري جي بنياد تي حق حاصل آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو انقلاب آڻيندو، ان منصوبي سان ملڪ جو ڪو به حصو محروم نه ٿيندو. ممنون حسين چيو ته ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي بهتر عمل آهي، ان سان دنيا کي سٺو پيغام ڏنو ويو آهي، ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين جا به عالمي مقابلا پاڪستان ۾ ڪرايا ويندا. صدر چيو ته پوليو کي بنياد بڻائي پاڪستان تي پابنديون لڳايون ويون، اسان پنهنجي ٻارن کي موت جي منهن ۾ نه وڃڻ ڏينداسين. اجلاس ۾ صدر جي خطاب دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ گورنر به شريڪ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *