ملڪ جي 64 سيڪڙو ايراضيءَ تي پنج سيڪڙو ماڻهن جو قبضو آهي: سينيٽر سراج الحق

اسلام آباد (م.ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جي 64 سيڪڙو ايراضيءَ تي 5 سيڪڙو ماڻهن جو قبضو آهي، اسان جي قومي پاليسي هاري دوست ناهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاري پئڪيج مان به مخصوص طبقي فائدو ورتو، سينيٽر سراج الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري بلوچستان ۾ باغ تباهه ٿي رهيا آهن، هن چيو ته خراب زمينن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي پروگرام جي ضرورت آهي، سراج الحق موجب ننڍن هارين کي بنا وياج قرض ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *