ملڪ جي ڪوورنا متاثر ضلعن ۾ اٺين درجي تائين جا اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ٽين لهر سبب وائرس متاثر ضلعن ۾ پهرين کان اٺين ڪلاس تائين پڙهائي وارو عمل 28 اپريل تائين نه ٿيندو ملڪ جو هر ضلعو ڪرونا وائرس سان وڌيڪ متاثر نه آهي صوبا فيصلو ڪندا ته ڪهڙا ضلعا متاثر آهن ۽ پابندي ڪهڙن ضلعن تي لاڳو ٿيندي وڌيڪ صلاح مشورا 28 اپريل تي ٿيندا جن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته عيد کان اڳ ڪجهه ڪلاسز ٿيڻ گهرجن يا نه نائين کان ٻارهين جماعت جا امتحان مئي جي ٽئين هفتي ۾ ٿيندا ملڪ جا 85 هزار ٻار او ليول ۽ اي ليول جاامتحان ڏيندا نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي ڄاڻ ڏيندي شفقت محمود چيو ته نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن ۾ پڙهائي ورو عمل 19 اپريل کان متاثر ضلعن سميت ٻين سمورن ضلعن ۾ جاري رهندو ته جيئن ٻار امتحانن جي تياري ڪري سگهن يونيورسٽيز جي حوالي سان هن چيو ته متاثر صلعن ۾ يونيوسٽيز بند رهنديون ۽ اتي آن لائين ڪلاسز ٿيندا ۽ جيڪي علائقا متاثر نه آهن اهي معمول مطابق پنهنجو ڪم ڪندا رهندا امتحانن جي حوالي سان هن چيو ته نائين کان ٻارهين جماعت تائين جا امتحان مئي جي ٽئين هفتي ۾ ٿيندا هن چيو ته امتحانن جي تاريخ انهيءَ ڪري وڌائي ويئي ته جيئن ڪرونا جون حالتون ان وقت تائين ڪجهه بهتر ٿي وڃن. تعليم جو وزير چيو ته يونيورسٽيز کي به درخواست ڪئي آهي ته اتي داخلائن کي اڳتي وڌايو وڃي ڇو ته جڏهن امتحان دير سان ٿيندا ته انهن جا نتيجا به دير سان ايندا ۽ پوءِ يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ وڌيڪ وقت گهربل هوندو هن چيو ته ملڪ جا 85 ٻار او ليول ۽ اي ليول جا امتحان ڏيندا جنهن حوالي سان سمورن صوبائي وزيرن ان کي جاري رکڻ جي تجويز ڏني آهي هن چيو ته ان کان علاوه ڪيمبرج جي انتظاميا خاطري ڪرائي آهي ته اها ايس او پيز تي عمل ڪرائيندي شفقت محمود چيو ته ڪيترائي ماڻهو چئي رهيا آهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ امتحان نه پيا ٿين اهو درست نه آهي، بنگلاديس کان علاوه سمورن ملڪن ۾ امتحان ٿي رهيا آهن هن چيو ته ٻار امتحانن جي تياري ڪن امتحان ڏيڻ ضروري آهي ۽ لازمي ٿيندا ۽ ايس او پيز مطابق ٿيندا هن چيو ته اسان جي نظر ۾ رڳو ٻارڙن جي بهتري آهي ڪوشش آهي ته ٻارڙن جا اسڪول جلد کان جلد کوليون ڇو ته انهن جي تعليم جو گهڻو نقصان ٿيو آهي.  پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو آهي ته پنجاب جي 13 ضلعن ۾ پهرين کان اٺين تائين جا درجا عيدالفطر تائين بند رهندا. پنجاب ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس کان پوءِ مراد راس چيو ته ڪورونا سبب وڌيڪ متاثر صوبي جي 13 ضلعن يعني لاهور، راولپنڊي، گجرات، گجرانوالا، ملتان، بهاولپور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، رحيم يار خان، ڊي جي خان ۽ شيخوپوره ۾ پهرين کان اٺين تائين اسڪولز عيد الفطر تائين بند رهندا. هن ٻڌايو ته متاثر 13 ضلعن ۾ 19 اپريل کان نائين کان ٻارهين جون ڪلاسون سومر –خميس تي ٿينديون جڏهن ته پنجاب ۾ نائين کان ٻارهين ۽ اي او ليول جا امتحان پنهنجي شيڊول جي موجب ٿيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *