ملڪ جي ٻنهي سياسي پارٽين جمهوريت جي نالي تي ڳٺ جوڙ ۽ سمجهوتو ڪيو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي چونڊيل مقاني نمائيدن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي چونڊن ۾ پوليس جو استعمال ڪيو ويندو آهي، مسلم ليگ(ن) ميٽرو ٺاهي سمجهيو ته مڪاني چونڊن ۾ کٽي ويندا سين،پر ايئن نه ٿيو،جمهوري نظام ۾ مخالف ڌُر جو ڪردار گهڻو اهم هوندو آهي،ملڪ جي ٻنهي سياسي پارٽين جمهوريت جي نالي تي ڳٺ جوڙ ۽ سمجهوتو ڪيو،ٻنهي پارٽين پنهنجيون واريون رکيون، 2013ع جي عام چونڊن واري ڌانڌلي به ان جو حصو هئي،جيڪڏهن اسان نه هجون ها ته ملڪ ۾ دوستاڻي مخالف ڌُر ئي نه هجي ها.عوام ڌرڻي کي مخالفت سمجهيو ۽ پيپلز پارٽي پريشان ٿي وئي.اسان جي ئي چوڻ تي پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪيا ويا،جيڪڏهن اسان ڌرڻي ۾ مطالبو نه ڪيون ها ته حڪومت عالمي منڊي ۾ ڪچي تيلن جي اگهه جو فائدو عوام تائين نه پهچائي ها، عمران خان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾آئي هئي ته هر پاڪستاني 35 هزارب جو قرضي هو،انهن جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين هر پاڪستاني 85 هزار جو قرضي هوندو.مسلم ليگ(ن) جي اڍائي سالن ۾ به قرض وڌي 1 لک 12 هزار تائين پهتا آهيون.(ن) ليگ جي اڍائي سالن حڪومت ۾پاڪستان جو ڪُل قرض 5 هزار ارب رپين کان 9 هزار ارب رپيا وڌي ويو آهي،عوام تي سيڙپڪاري ڪرڻ سان ئي قومون جڙنديون آهن،اسانجي اُپت گهٽجي رهي آهي، ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسپاتلن ۾ دوائون ناهن،پر اورينج لائين رٿائون جوڙيون پيون وڃن،جنهن لاءِ به 170 ارب رپيا قرض ورتو پيو وڃي.هن اورينج لائين جي رستي ۾ ايندڙ آبادين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي نه هوندو، ميٽرو بس رٿا سان 3 ارب رپين جو ساليانو نقصان ٿيندو،قوم غريب ٿي رهي آهي، پر شريف ڀائرن جي ملڪيت الهائي ڪٿان کان ڪٿي پهتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *