ملڪ جي وڏين تيل ڪمپنين پاران پيٽروليم وارين شين ۾ ملاوٽ ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو)  قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ملڪ جي وڏين تيل ڪمپنين پاران پيٽروليم وارين شين ۾ ملاوٽ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس دوران برسلز ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ هڪ منٽ خاموشي ڪئي وئي،جنهن کانپوءِ انهن ڌماڪن خلاف مذمتي ٺهراءُ مننظور ڪيو ويو، اهو ٺهراءُ پ پ ايم اين اي شازيا مري پيش ڪيو،جنهن ۾ گڏيل راءِ سان برسلز ڌماڪن جي مذمت ڪئي وئي،ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان هر قسم جي دهشتتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ ان ناسور جو خاتمو چاهي ٿو، اجلاس دوران ملڪ ۾ ترت آدمشماري ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ سروي ڪرائڻ جا ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا، سوالن جوابن جي ساهي دوران پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي وڏين آئل ڪمپنين طرفان پيٽروليم وارين شين ۾ ملاوٽ جو انڪشاف ڪندي چيو ته 15-2014ع دوران پيٽروليم وارين شين ۾ ملاوٽ ڪرڻ تي 4 ڪمپنين مٿان ڏنڊ وڌو ويو، هن تفصيل ڏيندي چيو ته هيسڪو آئل ڪمپني تي 20 لک، پاڪستان آئل ريفائنري تي 10 لک، بائيڪو آئل ڪمپني تي 5 لک ۽ پي ايس او تي هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، هن 15-2013ع دوران سڄي ملڪ ۾ گئس جي چوري جا تفصيل پڻ لکت ۾ جمع ڪرايا، جن مطابق گذريل ٽن سالن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ کرب 7 ارب ايم اي ايف گئس چوري ڪئي وئي، پيوٽروليم واري وزير مطابق سڀ کان  وڌيڪ 44 ارب 97 ڪروڙ ايم اي ايف گئس خيبرپختونخوا ۾ چوري ڪئي وئي، ٻئي نمبر تي پنجاب ۾ 32 ارب 71 ڪروڙ، سنڌ ۾ 28 ارب 21 ڪروڙ ۽ بلوچستان ۾ هڪ ارب 17 ڪروڙ ايم اي ايف گئس چوري ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *