ملڪ جي سياسي قيادت متحد آهي: نواز شريف

ملتان(م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سياسي قيادت متحد آهي، جنهن جو مثال قومي ايڪشن پلان مان ملي ٿو، ڪراچي_ حيدرآباد موٽروي جو بنياد ڪجهه ڏينهن ۾ رکيو ويندو… ملتان ۾ ايئرپورٽ جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان لاءِ ملتان مرڪزي حيثيت رکي ٿو، ملتان ملڪ جي وڏن ايئرپورٽن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ملتان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، جنهن کي موجوده حڪومت مڪمل ڪيو آهي. نواز شريف چيو ته ملڪ جي سياسي قيادت هن وقت متحد آهي، متحد ٿي ئي پاڪستان کي ترقي طرف وٺي وڃي سگهجي ٿو، ملڪ جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ن ليگ حڪومت جي ترجيح آهي هن چيو ته ڏکڻ پنجاب تي ماضي ۾ اهو ڌيان نه ڏنو ويو جيڪو ڏيڻ گهرجي ها، ناانصافين جو ازالو ڪيو ويندو، ملتان جي ترقي لاءِ 29 ارب رپين جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، هلندڙ سال ڏيڍ ارب رپين جي رقم جاري ڪئي وئي آهي وزيراعظم جو چوڻ آهي انٽرنيشنل ٽرمينل جي قائم ٿيڻ سان ساليانو 10 لک مسافر سفر ڪري سگهندا، روانگي واپار به وڌندو، ڪراچي_ حيدرآباد موٽروي منصوبي جو بنياد به ڪجهه ڏينهن ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي_ لاهور موٽروي منصوبو 2017 کان اڳ مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم نواز شريف جو ملتان پهچڻ تي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني استقبال ڪيو، جڏهن ته وزيراعطم سان مملڪتي وزير عابد شير علي ۽ ٻيا اڳواڻ به گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *