ملڪ جي سلامتي جو مسئلو هجي ته سياست کي جدا ڪرڻ گهرجي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي سڌسماءَ واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي جو مسئلو هجي ته سياست کي الڳ ڪرڻ گهرجي عمران خان جو چئي رهيو آهي اهو به صحيح آهي پر اپوزيشن کي ناڪام سولو فلائيٽ ڪندڙن بڻايو ۽ تحريڪ انصاف مفاهمت جو رول ادا ڪيو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀٽو جي گڏيل قومن ۾ تقريرن سان ملڪ جي عزت وڌي ملڪ جي سلامتي جو مسئلو هجي ته سياست کي الڳ ڪرڻ گهرجي مولابخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته عمران خان رائونڊ مارچ تي به اعتماد ۾ نه ورتو هو هن چيو ته اسان نوازشريف جا دوست نه آهيون پر حالتن موجب وزيراعظم سان گڏ بيهڻو پوندو ملڪ جي سلامتي کي اولين ترجيحي ڏيون ٿا هن چيو ته بلاول سخت لهجو استعمال ڪندو آهي پر گاريون نه ڏيندو آهي عمران خان قومي ليڊر بڻجي اڀريو آهي ان کي رشتي وٺڻ وارو جملو استعمال نه ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته شيخ رشيد کي به توهين آميز لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجن ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *