ملڪ جي دفاعي استحڪام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: آرمي چيف

راولپنڊي  (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، دفاعي منصوبن جي وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ تعاون جاري رکنداسين، هو اربع تي هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو ڪيو جتي هن دفاعي پيداوار بابت جاري ۽ مستقبل جي منصبوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف ٽيڪسلا جي معياري پيدوار لاءِ ڪارڪردگي ۽ عزم جي تعريف ڪئي، هن چيئرمين ايڇ آءِ پي کي هلندڙ منصوبن کي وقت اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هر قسم جي تعاون جي خاطري ڪرائي، آرمي چيف چيو ته ايڇ آءِ ٽي ٽيڪسلا ملڪ جي دفاعي اهليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ملڪ جي دفاعي صلاحيتن ۾ بهتري تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *