ملڪ جي بهتر مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکيو وڃي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال ۾ ڄاڻي واڻي فوج ۽ ان جي قيادت کي ملوث ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، اهي ڪوششون فوج سان گڏوگڏ ان جي اعليٰ قيادت جي حوالي سان آهن. آءِ ايس پي آر موجب اهي ڪوششون سڌي ريت يا واسطي سان عوامي فورمز ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف فارمز تي ڪيون ويون، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ تجزئي نگارن طرفان اڻ تصديق ٿيل، ساک کي نقصان پهچائيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ  بيانن جو عمل انتهائي نقصانڪار آهي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته فوج اميد ڪري ٿي ته سڀ قانون جي پاسداري ڪندا ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فوج کي سياسي گفتگو کان پري رکندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *