ملڪ جو پوليس نظام ناڪام قرار، سنڌ سڄي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ صوبو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ /اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي سنڌ مڪمل طور تي ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي ۽ بجيٽ جو هڪ پئسو به صوبي ۾ خرچ نه ٿيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي برو حال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪوئي به پڇڻ وارو نه آهي خميس جي ڏينهن تي سپريم ڪورٽ ۾ سکر پريس ڪلب ايراضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس گلزار احمد جي اڳواڻي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي. هن چيو ته سنڌ صوبو مڪمل طور تي ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي ۽ بجيٽ جو هڪ رپيو به سنڌ ۾ خرچ نه ٿيو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي ماڻهن جو برو حال ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته هاڻي اهو ايترو وڌندو جو سمورو لاڙڪاڻو ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندو. هن چيو ته دنيا جو اهڙو ڪوبه شهر نه آهي جتي 50 ڊگري جي باوجود وڏيون عمارتون موجود هجن هن چيو ته سکر جي گرم شهر ۾ وڏيون عمارتون ته بڻايون ويون آهن پر سهولتون نه آهن هن چيو ته ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي ۽ رات جو بجلي جي بغير ماڻهو سمهي رهيا آهن بنيادي ضرورتن کان محروم ماڻهو تشدد واري طرف مائل ٿيندا آهن ۽ ڪرائيم ريٽ وڌندو آهي هن چيو ته سکر جي ميئر کي به جاڳڻ گهرجي سکر جي ميئر چيو ته اسان ماسٽر پلان مرتب ڪيو آهي جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان جو ماسٽر پلان ڇا آهي جتي به وڃو توهان جي ماسٽر پلان جي ڪابه اهميت نه آهي. هن چيو ته توهان سڀ ماڻهو سسٽم جو حصو آيو ۽ ڄاڻون ٿا ته سسٽم ڇا آهي صحافي به ايندا آهن توهان کي خبر آهي ته توهان ڇا ڪري رهيا آهيو ۽ سکر پريس ڪلب وارا ڇا ڪري رهيا آهن پنهنجي مرضي واريون خبرون ڇپرائين ٿا سکر پريس ڪلب وارن کان ڪو پڇڻ وارو ئي نه آهي. هن چيو ته صحافي به غريب ۽ حقدار جي خبر نٿا ڇپرائين. هن چيو ته اسان پهريان به وقت ڏيئي چڪا آهيون ۽ 15 ڏينهن جو وقت سکر جي وڪيل انتظاميه گهريو آهي ان کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي سينئر جسٽس گلزار احمد سڄي ملڪ ۾ پوليس جي نظام کي ناڪام قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ پوليس جي نالي ڪابه شيءَ ناهي،  گهڻي قدر پوليس اهلڪار رات جو ڌاڙا هڻن ٿا، سرڪاري آفيسر آفيسن ۾ ويهي حرام کائي رهيا آهن، ماڻهو ڳلا وڍي رهيا آهن، پوليس ڪٿي آهي، سنڌ سڄي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ صوبو آهي؟ جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ پنجاب جي ٽريفڪ وارڊن جي پگهارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس  گلزار احمد پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري ۽ آءِ جي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سموري ملڪ ۾ پوليس جو نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ پوليس نالي ڪابه شيءَ ناهي.  هن چيو ته پوليس آخر اهڙو ڇا ڪري رهي آهي جو پگهار وڌائي وڃي، وڏي پگهار وٺي به ٻه نمبري ڪئي ويندي آهي، سرڪاري آفيس آفيسن ۾ ويهي حرام کائي رهيا آهن، اڳو ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته الائونس ڪيئن وڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته سڀ نه پر گهڻي قدر پوليس اهلڪار رات جو ڊيوٽي ڪن ٿا، وارداتون ٿي رهيون آهن، ماڻهو ڳلا وڍي رهيا آهن پوليس ڪٿي آهي،  پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري کي خبر ئي ناهي ته سندس ڪم ڪهڙو آهي، پوليس ۽ سرڪاري آفيسر پگهار الڳ کڻن ٿا، عوام کان پئسو الڳ وٺن ٿا.  پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري چيو ته منجمد ٿيل اضافي بنيادي پگهار بحال ڪري رهيا آهيون، منجمد ڊيلي الائونس بحال ٿيندو اضافي بنيادي پگهار نه،  ٽريفڪ وارڊن جي وڪيل چيو ته پگهار بحال ٿي وڃي ته مسئلو ئي ختم ٿي ويندو. جسٽس گلزار احمد پنهنجي بيان تان ڦرڻ تي ناڻي واري سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنجيدگي جو اهو عالم آهي ته بيٺي بيٺي ڳالهه تان ڦري ويا آهيو، سموري پنجاب جو ناڻو توهان جي هٿ ۾ آهي ۽ توهان کي ڪم جي خبر ئي ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *