ملڪ جو پئسو لُٽيندڙ پاڻ کي قوم جو ليڊر چئي رهيا آهن: سراج الحق

ڪراچي (اين اين آءِ)جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي، سنڌ ۽ ڪراچي جو ڪيس سينيٽ سميت هر هنڌ وڙهندي، ڪراچي جي مسئلن جي حل جي چاٻي ڪراچي جي عوام وٽ آهي، جماعت اسلامي تبديلي ۽ انقلاب واري پارٽي آهي، اسان آئيني ۽ جمهوري طريقن موجب ملڪ جي هر شعبي ۾ تبديلي جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اسان جي جنگ قاتلن، لٽيرن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ شگر مافيا جي خلاف آهي، اسان ڪنهن سان به نفرت نٿا ڪريون، اسان جو پيغام محبت ۽ امن جو پيغام آهي، پاناما ليڪس ۽ دبئي پراپرٽي ليگ جي صورت ۾ حڪمرانن جي ڪرپشن جا انبار اکين سان ڏسي رهيا آهيون، قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ تي کتل آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ مذهب تبديل ڪرڻ جي حوالي سان جيڪو قانون جوڙيو ويو آهي اهو شريعت جي خلاف آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح باغ ۾ ورڪرز ڪنويشن جي اختتام تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي سان جماعت اسلامي جي امير ڊاڪٽر معراج الحديٰ، حافظ نعيم رحمان، نائب امير ڊاڪٽر اسامه رضي به خطاب ڪيو، جلسي ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان آيل هزارين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي، انکانسواءِ هندن، عيسائين ۽ٻين اقليتي مميبرن شرڪت ڪئي، سراج الحق وڌيڪ چيو ته مان اهڙين حالتن ۾ ايڏو وڏو ڪنويشن منعقد ڪرڻ ۽ ان جا انتظام ۽ ميزباني ڪرڻ  تي ڊاڪٽر معراج الحدي ۽ ان جي سڄي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو. بابل اسلام جو اهو ڪنويشن روشني، خوشحالي، اسلامي ۽ تعليمي يافته پاڪستان جي ڀلائي ثابت ٿيندو. هن چيو ته حڪمران اسان جا 70 سال برباد ڪري ڇڏيا، حڪمرانن جون حالتون ته تبديل ٿيون پر غريب عوام جون حالتون تبديل نه ٿي سگهيون، اسان پاڪستان ۾ ڪنهن خاندان جي بادشاهت جي بدران اسلامي شريعت جي حڪمراني چاهيون ٿا، اهڙي طريقي سان دنيا ۾ عزت ۽ آخرت ۾ نجات ملي سگهندي، اسان عدالتن، ايوان، تعليمي ادارن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ قرآن جي روشني ۽ نور ڦهلائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته هي ملڪ اسلام لاءِ ٺهيو هو جيڪي ماڻهو ليبرل يا سيڪيولر هن ملڪ کي ڪجهه ٻيو بڻائڻ چاهين ٿا اهي شهدا پاڪستان ۽ آئين سان غداري ڪري رهيا آهن، جيڪي حڪمران ملڪ جي نظريي ۽ جاگرافي جو تحفظ نٿا ڪري سگهن انهن کي حڪمراني جو ڪو به حق نه آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر معراج الحديٰ جيڪو سنڌ لاءِ ايجنڊا ڏنو آهي مان ان سان گڏ آهيان، مان سنڌ ۽ ڪراچي جو ڪيس سينيٽ سميت هر هنڌ وڙهندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *