ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليمي نظام آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليم جو نظام آهي، ملڪ ۾ 77 سيڪڙو عورتون اڻ پڙهيل آهن. تفصيل موجب خورشيد شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سمورا مسئلا تعليمي نظام خراب هئڻ ڪري آهن، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليمي نظام آهي جڏهن ته حڪومت کي اصل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته پاڪستان ۾ 77 سيڪڙو عورتون اڻ پڙهيل آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت 5 هزار نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا پر موجوده حڪومت وٽ نظام جي بهتري لاءِ ڪو به پاليسي ناهي، ڪيترائي چيلينج آهن، حڪومت ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *