ملڪ جو اصل مسئلو وسيلن جي کوٽ نه پر حڪمرانن جو عرش ۽ عوام جو فرش تي هجڻ آهي: سراج الحق

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جو اصل مسئلو وسيلن جي کوٽ نه پر حڪمرانن جو عرش ۽ عوام جو فرش تي هجڻ تي آهي، خراب نظام ظالم لاءِ ڀلو ۽ غريب تي قهر وانگي آهي، وياجي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪبي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي پهريون ڀيرو اهڙي ماڻهو کي سينيٽر طور چونڊرايو آهي، جنهن وٽ پنهنجي سائيڪل يا پشاور ۾ رهڻ لاءِ گهر نه آهي. هن پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته کيس پشاور ۾ رهڻ لاءِ ڪرائي جو گهر آهي. سراج الحق جو چوڻ هو ته بينڪون رڳو اميرن کي قرض ڏيڻ لاءِ آهن ۽ ضمانت ۾ ڪروڙين رپين جي ملڪيت چاهين ٿيون، جڏهن ته هر پاڪستاني شهري کي شناختي ڪارڊ ڏيکاري پنهنجي ضرورتن لاءِ قرض جي سهولت ڏيڻ گهرجي پر ايئن نه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ وياجي نظام جي ڪري الاهي مسئلا آهن،سندس چوڻ هو ته هو اهڙي نظام خلاف جدوجهد ڪندو، هاري مزدور ۽ پورهيت جي حقن لاءِ وڙهندو. سراج الحق ٻڌايو ته هڪ ڀيري هڪ جاپاني عورت ان وقت ساڻس ملاقات ڪئي، جڏهن هو خيبرپختونخواهه جو ناڻي وارو وزير هو، ان عورت کيس ٻڌايو ته اسان جي ملڪ جو مسئلو وسيلن جي کوٽ نه پر حڪمرانن جو عرش ۽ عوام جو فرش تي رهڻ آهي. هن چيو ته ڪرپٽ سياسي مگر مڇن سان عوام کي مهاڏو اٽڪائي پنهنجا حق وڙهي وٺڻا پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *