ملڪ اندر 500 ارب رپين جي ريڪوري ڪري چڪا آهيون جنهن تي هو رڙيون پيا ڪن : فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي اندران هنن کان 500 ارب رپيا واپس ورتا ويا آهن جنهن تي هو رڙيون پيا ڪن، پرڏيهه مان به پيسا آڻينداسين. احتساب بابت وزير اعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڪالهه مريم نواز کوکر ڀائرن جي گهر وئي ۽ پنهنجي سياسي حمايت جي خاطري ڏياري، ن ليگ وارا شرمنده ٿيڻ بدران قبضا گروپ جي پشت تي بيٺا آهن، مسلم ليگ ن هڪ مافيا هئي جيڪا پنجاب ۾ حڪمراني ڪندي رهي. هن چيو ته ماضي ۾ ماڻهن جي لاءِ ڪرپشن ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، هنن جي موجب قبضا گروپ زمينن تي قبضا ڪندا هئا ۽ حڪومت هنن کان پڇندي ئي نه هئي، قبضا گروپن ۽ شريف خاندان ۾ گڏيل ڀائيواري هلي رهي هئي ۽ جاتي امرا جي ڪيترائي ايڪٽر زمين هنن ئي قبضا گروپن جي ڪري گڏ ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اندران هن وقت تائين هنن کان لڳ ڀڳ 500 ارب رپيا هنن کان واپس ورتا ويا آهن جنهن سبب هنن جون رڙيون پيون نڪرن، پرڏيهه مان به پيسا واپس آڻينداسين، هاڻ هڪ ڪميشن آڻي رهيا آهيون جنهن سان هنن جون رڙيون نڪري وينديون. ان موقعي تي شهزاد اڪبر چيو ته ڪالهه هڪ وڏي عجيب ڳالهه ٿي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاهور جي هڪ وڏي قبضا مافيا جي خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن جي شرافت جي شاهدي سڄو لاهور ٿو ڏئي، ان ڪارروائي جي تعريف ڪرڻ جي بدران ملبي تي بيهي گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪيون ويون. هن انگ اکر پش ڪندي چيو ته پنجاب ۾ قبضا مافيا جي خلاف ڪارروائي ۾ 200 ارب کان وڌيڪ جي سرڪاري زمين  آزاد ڪرائي وئي آهي، جنهن تي مختلف بااثر ماڻهن جو ناجائز قبضو هو، اسان انهن بااثر ماڻهن جا نالا آڏو آڻڻ ٿا چاهيون پر مريم نواز پاڻ ڪالهه وڃي اسان کي دعوت ڏني ته اسان اصل حقيقت سامهون آڻيون ۽ ٻڌايو ته قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي ۾ ڪهڙا مالي فائدا هئا جنهن سان شريف خاندان کي مسئلو ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *