ملڪ اندر سچ ۽ ڪوڙ ۾ ڪو به فرق ناهي رهيو،خبر نه بيهارڻ پرويز رشيد جو ڏوهه هو: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چورڌي نثار علي خان چيو آهي ته پرويز رشيد کي انگريزي اخبار ڊان ۾ قومي سلامتي جي برعڪس خبر شايع ٿيڻ کان روڪرائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪرڻ تي عهدي تان هٽايو ويو آهي، ميڊيا بدران ڪميٽي ۾ موقف پيش ڪنداسين، آرمي چيف سان منهنجي، پنجاب جي وڏي وزير ۽ اسحاق ڊار جي ملاقات سٺي رهي، ڪجهه ماڻهو هر شيءِ کي ڊرامائي شڪل ڏئي ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيا آهن، تڪراري خبر جي معاملي جي پويان جيڪو به آهي ان کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، عمران خان جيڪو ٻج پوکي رهيو آهي اهو پاڪستان جون پاڙون لوڏي ڇڏيندو، ايٽمي ملڪ جي وفاقي گادي واري شهر کي لاڪ ڊائون ڪرڻ سان دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿيندي، شهر کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان رياست خلاف جرم آهي، ڌرڻي وارن جو هن ڀيري پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ گهڙن جو منصوبو آهي، آچر تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي پريس ڪانفرنس ٻن حصن تي ٻڌل آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪجهه ڪيس جو فيصلو سومر تي ٿيڻو آهي ان حوالي سان شام ٻيهر پريس ڪانفرنس ڪندس، گهرو وزير چيو ته تڪراري خبر کان اڳ ڪجهه حقيقتون چٽيون ڪرڻ چاهيان ٿو ڇو ته عوام کي خبر ناهي ته سچ ۽ ڪوڙ ڇا آهي، ملڪ ۾ حقيقتن تي ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، سچ به ميڊيا تي هلي رهيو آهي ۽ ڪوڙ به، هن چيو ته ڊان جي خبر جي حوالي سان تڪراري خبر جي شروعاتي جاچ جو فيصلو وزيراعظم ڪيو، ان کي قانون واري وزير جي اڳواڻي ۾ قانوني ٽيم، گهرو وزارت ۽ ٻين جي حمايت حاصل هئي جنهن ڏينهن ڪوئيٽا واقعو ٿيو ان کان هڪ ڏينهن اڳ سموريون تجويزون تيار ڪيون هنيون، ڪوئيٽا وڃڻو پيو، جتي آرمي چيف ۽ وزيراعظم جي ملاقات ٿي جنهن ۾ 3 معاملن تي ڳالهيون ٿيون، هڪ معاملو ڊان ۾ ڇپيل خبر جي انڪوائري هئي، هن چيو ته مان به ميٽنگ ۾ هيس ۽ آرمي چيف جي جاچ جي اڳڀرائي بابت وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي ته وزيراعظم مون ڏي نهاريو جنهن تي مون ٻڌايو ته مان ڪالهه کان تيار هيس، ڪوئيٽا واقعي سبب هتي اچڻو پيو، واپس وينداسين ته معاملي کي اڳتي واڌائينداسين، هن چيو ته منهنجي ان چوڻ تي هن طرفان چيو ويو ته هتي ئي شيئر ڪريو جنهن تي مان چيو ته پهريان وزيراعظم سان شيئر ڪندس ۽ پوءِ توهان سان جنهن کانپوءِ ايندڙ ڏينهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اسحاق ڊار ۽ شهباز شريف هو ۽ سمورا معاملا شيئر ڪيا پنهنجي تجويز ڏني، وزيراعظم مون کان ڪجهه سوال ڪيا ۽ پوءِ اصولي طور تي منهنجي تجويز جي منظوري ڏني، چورڌي نثار مطابق وزيراعظم چيو ته آرمي چيف چيو هو ته ان ڄاڻ جو اعلان ڪرڻ کان اڳ ان کي اسان سان به شيئر ڪيو وڃي، وزيراعظم سان ملاقات ۾ شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار به هو، هو منهنجي تجويز تي آرمي چيف سان ملڻ مون سان گڏ سرڪاري پروٽوڪول ۾ هليو، هن چيو ته اها نه ته بريفنگ هئي ۽ نه ئي رات 11 وڳي ڪا ميٽنگ ڪجهه ماڻهن جي عادت بڻجي وئي آهي ته هو هر شيءِ کي ڊرامائي شڪل ڏئي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، اهو به واضح ڪندس ته آرمي چيف سان ميٽنگ هميشه وانگر تمام سٺي رهي، گهرو وزير آرمي چيف سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم کي بريف ڪيو ۽ ان سان به ملاقات سٺي هئي ۽ جيڪڏهن ڪير چوي ٿو ته اها ملاقات مڙئي هئي ته مان ان عسڪري ذريعن کي نٿو مڃان منهنجي ڳالهه جي ترديد آءِ ايس پي آر يا آرمي هائوس جو ترجمان ڪري سگهي ٿو، آرمي چيف سان ملاقات ۾ پريس رليز جي ورڊنگ جي طئه ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳو، هن چيو ته پرويز رشيد جي حُوالي سان ڪجهه دستاويزي ۽ ذريعن کان ملندڙ ڄاڻ موجود آهي جنهن سبب صحافي پرويز رشيد سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي جنهن تي پرويز رشيد صحافي کي پنهنجي آفيس گهرايو جنهن تي صحافي ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي حوالي سان ڪا خبر آهي ته پرويز رشيد خبر جي ترديد ڪئي، گهرو وزير چيو ته پرويز رشيد کي صحافي کي چوڻ هو ته اها خبر ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، اها خبر اخبار ۾ نه ڏئي، يا اخبار جي ايڊيٽر سان رابطو ڪري ها، يا حڪومت جي ڄاڻ ۾ آڻي ها ته اهڙي خبر موجود آهي، هن ٻڌايو ته پرويز رشيد کي ڊان ۾ قومي سلامتي جي ابتڙ خبر شايع ڪرڻ کان روڪرائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪرڻ تي عهدي تان هٽايو ويو آهي.  هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس معاملي تي پهرين نومبرتي طلب ڪيو آهي، ان جي باوجود 2 نومبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو پيو وڃي، گهرو وزير انڪشاف ڪيو ته ڌرڻي وارن جو هن ڀيري پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ گهرڙڻ جو منصوبو آهي، ان ڪري مان ذميواري قبول ڪري ريڊ لايئن ڊرا ڪئي ۽ پوليس کي چيو ته جيڪڏهن ڪارڪن زبردستي ڪن ته انهن کي جواب ڏئي سگهو ٿا، هن چيو ته سيڪيورٽي معاملن تي حڪومت ۽ فوج ۾ ڪي به اختلاف نه آهن ۽ غير رياستي ماڻهن جي باري ۾ ٻنهي ۾ اختلاف نه ٿيا آهن پر اتفاق راءِ ئي رهي آهي، پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته وڳوڙن سان پي ٽي آءِ عورت کي پوليس عورت اهلڪار روڪيو ته هن چيو ته هو فوجي جي ڌي آهي، ان جو اهو چوڻ فوج کي بدنام ڪرڻ جي برابر آهي، هن ٻڌايو ته مان خود فوجي جو پوٽو، پٽ ۽ 3 فوجين جو ڀيڻيو آهيان، فوجي جي ڌي هجڻ جو اهو مطلب نه آهي ته پاڻ ۾ ڊسيپلين پيدا نه ڪري، حڪومت جي ڪوشش آهي ته معاملو سٺي نموني حل ٿي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *