ملڪ اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ ”را“ جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڀارت حوالي ڪري ڇڏيا آهن: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، ملڪ اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته ”را“ جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڀارت حوالي ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري تصديق ڪئي ته پاڪستان اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارتي ڳجهو ادارو ”را“ ملوث آهي. هـُن چيو ته ڪراچي مان گرفتار ڪيل ٻن ڏوهارين تسليم ڪيو آهي ته هنن را کان تربيت حاصل ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته دهشتگرد جَي اهڙَي اعتراف بعد هنن پاڪستان اندر دهشتگرد ڪاررواين ۾ “را” جَي ملوث هجڻ جا ثبوت تيار ڪري ڀارت حوالي ڪري ڇڏيا. اعزاز چوڌري چيو ته صفوران سانحي جي جاچ جاري آهي، جيڪا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي خبر پوندي ته اصل ڏوهاري ڪير آهن؟ پرڏيهي سيڪريٽري عزم جو اظهار ڪيو ته صفوران سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ مان دهشتگردن جو تقريبن خاتمو اچي چڪو آهي پر انهن جي باقيات اڃا به موجود آهي، جيڪا اهڙيون قهري ڪارروايون ڪري رهي آهي. اعزاز چوڌري چيو ته داعش به پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي، جنهن جو خاتمو آڻڻ به اشد ضروري آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *