ملڪ آٽو پائلٽ تي آهي، هڪ کانپوءِ ٻيو بحران گهرو ٿيندو پيو وڃي: شھباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ افراتفري پکڙيل آهي ۽ حڪومتي مشينري موجوده صورتحال کان صفا لاعلم آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته وفاقي وزير امن امان جي صورتحال تي تضادي بيان ڏئي رهيا آهن، وزيرن مان هڪ چيو ته وزيراعظم ڪالعدم جماعت سان 2020 جي معاهدي کان لاعلم هو. سندس موجب ملڪ ۾ افراتفري پکڙيل آهي ۽ قيادت جي کوٽ آهي، حڪومتي مشينري موجوده صورتحال کان صفا لاعلم آهي، اها ئي عمران خان جي نئين پاڪستان جي حڪومت آهي، ان حڪومت جي حالت جو اندازو لڳايو، جنهن جو وزيراعظم چئي ٿو ته کيس رپئي جو قدر ڪِرڻ جي خبر ٽي وي ذريعي پئي. شهباز شريف چيو ته موجوده حڪمران ڪنهن به احساس کان وانجهيل آهن، ملڪ آٽو پائلٽ تي آهي، ڇو ته بدقسمتي سان هڪ کانپوءِ ٻيو بحران گهرو ٿيندو پيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *