ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سچائي، ديانت ۽ بي لوث راند تي يونس خان کي يونيڪ خان جو نالو ڏيڻ گهرجي: شعيب اختر

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر چيو آهي ته ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سچائي، ديانت ۽ بي لوث راند تي منهنجي ويجهو يونس خان يک يونيڪ خان جو نالو ڏيڻ گهرجي، پنهنجي  هڪ بيان ۾ فاسٽ بالر چيو ته يونس خان جون ملڪي ڪرڪيٽ لاءِ خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، يونس خان هميشه شاندار راند پيش ڪري انٽرنيشنل سطح تي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو ۽ اسان سڀني کي سندس ڪارنامن تي فخر آهي، هن يونس خان جي عظمت کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته عظيم بيٽسمين کي هڪ بي لوث شخصيت ۽ سٺي اخلاق تي هميشه ياد رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *