ملڪي وقار ۽ خودمختاري تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي:آرمي چيف

لنڊن(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان لاڳاپا چاهي ٿو، پر ملڪي وقار ۽ خودمختاري تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ابن عباس طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف جاري ضرب عضب آپريشن اڌ ۾ نه ڇڏيو ويندو ۽ پاڪستان مان دهشتگردي جي پاڙ کي ختم ڪري ئي سـُک جو ساهه کنيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت ۽ افغانستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر ملڪي وقار ۽ خودمختياري تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ 10 هزار کان وڌيڪ انٽيليجنس تي ٻڌلآپريشن ڪيا جن ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن کي به نشانو بڻايو ويو جڏهن ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن سان شهر ۾ امن قائم ٿيو آهي. هن چيو ته دهشتگردن خلاف جنگ ۾ سڄي قوم فوج سان گڏ آهي، پنج هزار فوجي جنگ ۾ شهيد ٿيا، آءِ ڊي پيز جي منتقلي جاري آهي ۽ انهن جي آبادڪاري هڪ وڏو چيلينج آهي. جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي ۾ اقتصادي خوشحالي آڻيندو. هن چيو ته پاڪستان بهتري ڏانهن گامزن آهي ۽ هاڻي پرڏيهي سيڙپڪار هتي سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. آرمي چيف جو چوڻ هو ته برطانيه پاڪستان جو اتحادي آهي ۽ هـُو ان سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *