ملڪي معاملن ۾ مداخلت قبول ناهي، لاڳاپيل ملڪ سان سخت احتجاج ڪيو ويندو: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي اهلڪار پاران استعمال ڪيل ٻولي کي غير سفارتي قرار ڏئي ڇڏيو. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو 37هون اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بچاءَ، توانائي، اطلاعات،گھرو، ناڻي، انساني حقن، رٿابندي ۽ ترقي بابت وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامتي بابت خاص مددگار سميت سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي کي پاڪستاني سفير سان پرڏيهي اعليٰ عهديدار جي باضابطا ڪميونيڪيشن کان آگاهه ڪيو ويو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي سفارتڪار جي استعمال ڪيل ٻولي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پرڏيهي خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کليل مداخلت جي برابر آهي، پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ ڪنهن به طرح جي مداخلت برداشت نه ڪرڻ جوڳي ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي. پڌرائي موجب پرڏيهي آفيشل جي استعمال ڪيل ٻولي غير سفارتي آهي، سفارتي ادبن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ملڪ سان سخت احتجاج ڪيو ويندو ۽ پرڏيهي خط جو جواب سفارتي ادبن کي نظر ۾ رکندي ڏنو ويندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل ملڪ کي اسلام آباد ۽ ان جي راڄڌاني ۾ سخت احتجاجي خط ڏنو ويندو، جڏهن ته خط باضابطا چينل جي ذريعي جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي عام کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان خط لوڏيو ۽ چيو هو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين پيسن جي مدد سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي لکي ڌمڪي ڏني وئي، مون وٽ خط آهي ۽ اهو ثبوت آهي. وزيراعظم جي دعويٰ کانپوءِ اپوزيشن پاران خط سامهون آڻڻ ۽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *