ملڪي صورتحال صفا خراب آهي، ڪرپشن ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ۾ ڪو فرق ناهي: سراج الحق

مٽياري (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو اهي ته ملڪ جي صورتحال نهايت خراب آهي ڪرپشن ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ۾ ڪوبه فرق نه آهي مٽياري بار ڪائونسل کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ۽ مايوس ٿي ويئي آهي جنهن جو ثبوت اعتماد جو ووٽ وٺڻ آهي حڪومت وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي وفاقي وزير سڄو ڏينهن جنهن جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهن انهن کي ئي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي آڇ ڪرڻ لاءِ وڃي ويٺا آهن هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي جنهن سان غريب جو جيئڻ عذاب ٿي ويو آهي ملڪ ۾ اسلامي قانون لاڳو ڪرڻ سان ئي ملڪي بقا جي ضمانت آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ڪوبه فرق نه آهي غريب ويچارو پيسجي رهيو اهي پي ٽي آءِ ڪرپشن بچائڻ ۾ پوري آهي جڏهن ته پي ڊي ايم ڪجهه گهراڻن کي بچائڻ لاءِ واويلا ڪري رهي آهي ٻنهي جو عوامي مسئلن سان ڪوبه واسطو نه اهي سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي هن وقت پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم ٻنهي جي خلاف جنگ ڪري رهي آهي سينيٽ اليڪشن ۾ رڍين ٻڪرين وانگر خريد ۽ وڪري جو عمل جاري آهي. ان کان به وڌيڪ تڪليف واري ڳالهه اها آهي جو ٻئي ڏينهن وزيراعظم چيو ته مان انهن ميمبرن جا پيرا کڻندس ڇا ٿيو جو عمران خان پاڻ ئي انهن کان اعتماد جو ووٽ وٺندي نظر اچي رهيو هو امير جماعت اسلامي چيو ته پئسن جي بنياد تي جيڪي ماڻهو چونڊجن ٿا اهي عوام لاءِ ناهن ايندا پنهنجي فائدي لاءِ ايندا آهن ملڪ ۾ رڳو ڪرپشن ٿي رهي آهي اهڙين حالتن ۾ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *