ملڪي حفاظت لاءِ هر قرباني ڏبي، ڪنهن جي چوڻ تي ڊو مور نه ڪنداسين: پاڪ فوج

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور خواجه سعد رفيق جي غير ذميواراڻي بيان تي ڳنتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج منظم ادارو آهي بيان ۾ پاڪ فوج جي چين آف ڪمانڊ کي نشانو بڻايو ويو ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها ڪا سازش آهي ته ان جو ثبوت به هجڻ گهرجي آرمي آئين جي احترام جي عزم تي قائم آهي هر شهري به آئين جي دائري ۾ رهي ۽ آئين جو احترام ڪري حڪومت ادارا ۽ پاڪستان جي فوج ڪم ڪري رهيون آهن انهن جا حوصلا وڌائڻ گهرجن مشرف جي بيان تي انهيءَ کان وضاحت ورتي وڃي ميڊيا به اينٽي پاڪستان لائين سان ڪجهه نه ڏيکاري ڪابه خبر هجي ان جي جاچ ڪري پاڪ فوج سي پيڪ جي سيڪيورٽي جي ضمانت ڏني آهي ڀارتي جاسوس ڪلبوشن جي رحم جي اپيل آرمي چيف وٽ اهي ان تي جلد وڌيڪ معلومات ڏيندس فاٽا سڌاران تي به آرمي چيف جي وفد سان ملاقات ٿي آهي هاڻي فيصلو وزيراعظم کي ڪرڻو آهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته 2017 ۾ عام شهرين جو موت گهٽ ٿيو آهي اسان چاهيون ٿا ته هڪ به ماڻهو نه مري پر ان لاءِ ڪافي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو اسان ڪنداسين هن ٻڌايو ته ردالفساد جي تحت سڄي ملڪ ۾ انٽيليجنس بيس آپريشن ڪيا صرف مذهب جي تحت اپريشن ظاهري طور تي ڪيا ويا پر انٽيليجنس بيس آپريشن نظر نٿا اچن سڄو سال هزارن جي ويجهو انٽيليجنس بيس آپريشن ڪيا ويا جن سان دهشتگردن جي سهولتڪارن جا ڪمانڊر سان لاڳاپا هئا اهي ٽٽي ويا هن ٻڌيو ته 96 سيڪڙو آءِ ڊي پي پنهنجي گهر وڃي چڪا آهن انهن جي آبادڪاري تي ڪم ٿي چڪو آهي ۽ جيڪي رهجي ويا آهن اهي جتي اباد ٿي ويا اتي رهڻ چاهين ٿا هن چيو ته فاٽا جي نوجوانن کي ٻاهرين ملڪ موڪليو ويو انهن فوج ۾ به ڪميشن حاصل ڪيو جنهن جو هڪ وڏو انگ آهي فاٽا ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 800 ڪلوميٽر روڊ جو منصوبو هو جيڪو 700 ڪلوميٽر کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڪم جاري آهي ميجر جنرل چيو ته 2017 ۾ ستن وڏن دهشتگردن جا نيٽ ورڪ ٽوڙيا ويا خودڪش حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ گهڻا افغاني آپگهاتي حملي آور آهن هن چيو ته 2017 ۾ ماهوار 75 کان 80 ٿريٽ وارننگز جاري ڪيون ويون ۽ جملي طور تي 483 دهشتگردي جا منصوبا ناڪام ڪيا ويا دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪيتريون ئي شيون ٿينديون آهن ان لاءِ جيڪي واقعا ناهن ٿيندا ان بابت عوام کي خبر ناهي هوندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 15 کان 16 سالن ۾ جيڪو ڪم ڪيو ان جو اثر موجود آهي جيڪڏهن هاڻي به واقعا ٿي رهيا آهن ته دنيا جي ڪافي ملڪن يعني يورپ تائين به ٿين ٿا پر پاڪستان ۾ خوشيون موٽي آيون آهن اسان پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ٿيندي ڏٺو انٽرنيسنل رانديگر پاڪستان آيا ورلڊ اليون جي ٽيم پاڪستان آئي ۽ سڀ کان سٺي ايونٽ ميرانشاهه ۾ پيس ڪپ ڪرايو ويو هن چيو ته اوهان جي حڪومت ادارا ۽ فوج ڪم ڪري رهيون آهن انهن جا حوصلا وڌائڻ گهرجن ميجر جنرل آصف غفور چيو ته سعد رفيق جو بيان غير ذميواراڻو هو، غير ارادي نٿو لڳي پاڪ فوج منظم ادارو آهي بيان ۾ پاڪ فوج جي چين آف ڪمانڊ کي نشانو بڻايو ويو بيان کي ڳڻتي جي نظر سان ڏسون ٿا ايئن نه ٿ يڻ گهرجي ها ڇو ته جيڪڏهن اهڙن معاملن کي نشانو بڻايو ويندو ته ڪيترائي سوال پيدا ٿيندا ترجمان چيو ته ڪجهه ادارا آهن جن کي آئين به تحفظ ڏي ٿو آرمي آئين جي احترام جي عزم تي قائم هڪ ٻئي سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هڪ سياسي سوال آهي ان تي جواب نه ڏيندس ملڪ ۾ سياسي سرگرمي هلي رهي آهي ان جو پنهنجو دائره اختيار آهي آرمي ان تي ردعمل نٿي ڏيڻ چاهي عوام پاڻ ڏسي ته جيڪڏهن ڪا سازش آهي ته ان جو ثبوت هجڻ گهرجي هن چيو ته موجوده آرمي چيف جو ترجمان آهيان مشرف جي بيان تي ان کان ئي وضاحت وٺڻ گهرجي ته هو ڇا چوڻ چاهي پيو اسلام آباد ڌرڻي جي حوالي سان هن چيو ته جتي فوج جي جنرل جي سائن آهي اتي ڪٿي ناهي لکيو ته ڪائي گارنٽي لکي ويئي اهي ان تي وزيراعظم به وضاحت ڏني آهي گارنٽي واري ڪائي ڳالهه نه آهي گارنٽرز پارٽي خود آهي جنهن قسم جو حساس مسئلو هو ويراعظم جي هدايت تي ان کي حل ڪيو ويو جڏهن ته ڌرڻي تي انساني حقن جي بنيادن تي ڏنا ويا ڪرائي لاءِ پئسا ڏنا ته اهو چوڻ ته پئسا ورهائجي رهيا هئا. افغانستان بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي فوج جي سطح تي رابطا اهم آهن آرمي چيف جي دوري کان پوءِ لاڳاپا بهتر ٿيا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جيڪو برو ڪم ڪندو اهو ماريو ويندو جتي به هوندو ماريو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *