ملڪي ترقي ڪراچي سان لاڳاپيل آھي، پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ سبب ملڪ ڪمزور ٿيو: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ڪراچي جي ترقي سان لاڳاپيل آهي، عوام جي تڪليفن تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون. وفاقي حڪومت پاران جاري ٿيندڙ منصوبا جلد مڪمل ۽ اعلان ٿيل منصوبا جاري ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ڪراچي جي مسئلن جو حل ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي سان هلندڙ مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرا.ئي تي جائزي وارو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، وفاقي وزير اعظم سواتي، وفاقي وزير سيد علي زيدي، وفاقي وزير زبيده جلال ۽ سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪراچي جي ٽن وڏن نالن (محمود آباد، گجر ۽ اورنگي) ملير ۽ لياري جي ندين ۽ نالن جي ڀرپاسي روڊ ٺهڻ، سيوريج سسٽم ۽ يوٽلٽيز تي تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ٻڌايو ته نالن جو سروي مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ قبضا هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، محمود آباد، ۽ اورنگي نالي تي اڳڀرائي ترتيب وار 100 سيڪڙو ۽ 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته گجر نالي تان حددخليون هٽائڻ ۾ 89 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي صفائي ۾ اڳڀرائي جو ريشو 97 ۽ 90 سيڪڙو آهي جڏهن ته گجر نالي تي اڳڀرائي 79 سيڪڙو آهي، محمود آباد نالي تي آر سي سي ڀت ٺهڻ جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي، ٻين نالن ۾ به هي ڪم تيزي سان ٿيندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻيا سول ورڪس جون 2022 تائين مڪمل ڪيا ويند. وزيراعظم کي گرين لائين ۽ اورنج لائين بي آر منصوبي جي اڳڀرائي تي به ڄاڻ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته گرين لائين هن سال آڪٽوبر کان فعال ٿي ويندي. وچ سيپٽمبر 2021 تائين چين مان 80 بسون پهچي وينديون اهڙي طرح سنڌ حڪومت جي درخواست تي ايس آءِ ڊي سي ايل اورنج لائين لاءِ 20 بسون گهرائي رهي آهي. جيڪي هن سال ڊسمبر تائين پهچي وينديون. ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور تي چيئرمين واپڊا پاران بريفنگ ڏني وئي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪراچي 1200 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي جنهن ۾ حب ڊيم مان 100 ايم جي ڊي ملين گيلن روزانو شامل آهي. ڪراچي جي عوام کي پاڻي ڏيڻ جي حوالي سان سخت ڏکيائيون آهن پاڻي جي هن کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪي فور منصوبو جوڙيو ويو آهي ۽ ان تي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي هئي جڏهن ته هن منصوبي لاءِ مالي وسيلا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت پاران فراهم ڪيا پئي ويا پر هي منصوبو هڪ ڏهاڪي کان بند رهيو هاڻي وفاقي حڪومت هي منصوبو پورو ڪري رهي آهي. وزيراعطم کي ٻڌايو ويو ته 85 ڪلوميٽر جو سروي آءِ ايل ايف جي اسٽاف ۽ ڪنسلٽنس پاران مڪمل ڪيو ويو آهي منصوبي جي حتمي ڊزائين آڪٽوبر 2021 تائين مڪمل ڪئي ويندي. منصوبو آڪٽوبر 2023 تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي فريٽ ڪوريڊور ڪيماڙي کان پپري مارشلنگ يارڊ ۽ ماڊرن ڪراچي سرڪولر ريلوي منصوبي تي ريلوي وزير ۽ ٻين عملدارن پاران ڄاڻ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 50 ڪلوميٽر ڊگهي ڪراچي پورٽ کان پپري فريٽ ڪوريڊور ۾ ڪوريڊور جي اڏاوت، روڊ کي ٻٽو ڪرڻ ۽ اپ گريڊيشن شامل آهي. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ويندڙ 40 سيڪڙو ڪارگو ٽرانسپورٽ ان ڪوريڊور جي ذريعي ٿيندي. هن منصوبي جي فزيبلٽي مڪمل ڪئي وئي آهي. هن منصوبي کي آڪٽوبر 2021 ۾ مارڪيٽ ۾ آندو ويندو. ڪي سي آر منصوبي ۾ 43 ڪلوميٽر ورلڊ ڪلاس ماس ٽرازٽ سسٽم ۽ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽرين شامل آهي منصوبي جي فزيبلٽي مڪمل ڪئي وئي آهي. جيئن ئي پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرسپ اٿارٽي پاران ٽرانزيڪشن جو خاڪو ۽ بڊنگ جا دستاويز منظور ڪيا ويندا هن منصوبي کي نومبر 2021 تائين مارڪيٽ ۾ آندو ويندو وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي شهرين کي صاف ۽ ججهي مقدار ۾ پاڻي جلد ڏنو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ ٽيڪنيڪي ۽ مالي طور تي طريقا ڪتب آندا وڃن. وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت پاران هلندڙ منصوبا جلد مڪمل ۽ اعلان ٿيل منصوبا جاري ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته هن وقت وزيراعظم جو سمورو ڌيان ڪراچي شهر تي آهي. ڇو ته ملڪ جو معاشي حب هجڻ جي حيثيت سان هن شهر جي وڏي اهميت آهي.  ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رياست مدينه جي اصولن تي جيڪا به قوم هلندي اها ترقي ۽ ڪاميابي ماڻيندي مني لانڊرنگ روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن غيرقانوني طور تي ڊالر ملڪ مان ٻاهر نه وڃي غريب ملڪن جو مسئلو آهي ته انهن جا ڪرپٽ حڪمران پئسو ٻاهر موڪلين ٿا. پاڪستان ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ ترقي ڪري رهيو آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي پر معيشت جي ترقي سان ان تي ڌٻاءُ وڌي رهيو آهي اسان کي ايڪسپورٽ وڌائڻ، مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني بئنڪنگ چينل سان پنهنجا پئسا موڪلين اسان پاڻ تي ڀاڙڻ واري رستي تي هلي پيا آهيون، شپ لفٽ اينڊ ٽراسفر سسٽم لڳائڻ سان جهاز راني جي صنعت ترقي ڪندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، زبيده جلال ۽ علي زيدي به موجود هو. وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون پاڪستان 50 سال اڳ ترقي جي سفر تي هلي رهيو هو بدقسمتي سان ان کان پوءِ وارن سالن ۾ اهو سفر برقرار نه رکي سگهيو ۽ اسان پنهنجن پيرن تي بيهڻ، پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ اڳتي وڌڻ بدران ٻين تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڇڏيو. اسان پنهنجي طاقت کي نه سڃاتو ۽ سهارا ڳولي ورتا وزيراعظم چيو ته جيڪي قومون مزاحمت نٿيون ڪن اهي ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي بيهي نٿيون سگهن رياست مدينه جي اصولن تي جيڪا به قوم هلندي اها ترقي ۽ ڪاميابي ماڻيندي. پاڻ سڳورن جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راه آهي، پاڻ سڳورن پرڏيهي سربراهن کي خط لکيا انهن کان امداد نه گهري پر کين الله جو پيغام پهچايو ۽ خوددار قوم بيهاري انساني تاريخ جو ڌارا تبديل ڪري ڇڏيو. پاڻ سڳورن جي تشڪيل ڏنل قوم دنيا جي امامت ڪئي وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اسان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڪراچي شپ يارڊ ۾ بحري جهازن جي مرمت جي نظام جي ترقي ۽ ٽيڪنالوجي جي استعمال سان ملڪ جو پئسو بچندو جيڪو ڪم پهريان اسان کي ٻين ملڪن کان ڪرائڻو پوندو هو هاڻي اهو هتي ٿيندو. ان سان نه رڳو قيمتي ناڻو بچندو پر اسان بين ملڪن کي به هي سهولتون فراهم ڪنداسين. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن منصوبي سان پاڪستان ڊالر ڪمائيندو هن چيو ته حڪومت ايڪسپورٽ وڌائڻ ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي هن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڀريو ته پنهنجي رقم بيڪنگ چينل سان اماڻين، هن چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهو پئسا چوري ڪري ٻاهر موڪليندا هئا اسان کي اهو سلسلو روڪڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اسان ان رستي تي هلي چڪا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *