ملڪي بقا لاءِ جمهوريت جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو: وزير اعظم

لاهور (م.د) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪي بقا ۽ رياست جي تحفظ لاءِ جمهوريت جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو، جمهوريت ۽ چونڊيل عوامي حڪومت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن جن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو، شهباز شريف جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي ڪوششن سان ٻوڏ سٽيل تمام جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ٿي ويندو ۽ حڪومت ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهي. آچر ڏينهن وزير اعظم پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي شهباز شريف وزير اعظم کي پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ احتجاجي ڌرڻن جي حوالي سان به آئينده جي حڪمت عملي تي ڳالهايو. ذريعن موجب ملاقات دوران تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ جي قيادت سان سياسي جرڳي ۽ حڪومتي نمائندن جي مذاڪرات جي حوالي سان آئينده جي حڪمت عملي طئه ڪئي وئي. وزير اعظم چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي سياست مستقبل جي حوالي سان مايوس آهن اهي احتجاجي ڌرڻن سان قوم کي به مايوس ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، موجوده حڪومت پارليامينٽ ۾ موجود سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *