ملڪي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو ته پشاور ڌماڪي جهڙا ٿيندا رهندا: شبلي فراز

اسلام آباد  (اين اين آءِ/م.ڊ) ملڪي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو ته پشاور ڌماڪي جهڙا واقعا پيش ٿيندا رهندا، وفاقي وزير شبلي فراز جي سينيٽ جي اجلاس ۾ پي ڊي ايم تي تنقيد، شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن وارن ملڪ خلاف غيرن جو بيانيو پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري پشاور جهڙا واقعا پيش اچن ٿا، پي ڊي ايم جي گجرانوالا کان ڪوئيٽا تائين سفر دوران ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تحت ڳالهيون ڪيون ويون، شبلي فراز چيو ته وزيراعطم جو مسلم ملڪن جي سربراهن کي خط سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني آهي پنهنجي بيان ۾ شبلي فراز چيو ته مختلف الهندي ملڪن ۾ اسلام ۽ پاڻ سڳورن جي خلاف نفرت وارن قدمن جا حوصلا وڌائڻ افسوسناڪ آهي هن چيو ته پاڻ کي مهذب ۽ عالمي حقن جا علمبردار سڏرائڻ جا دعويدار مسلمانن جي جذبن جو احترام به سکن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *