ملڪا شراوت مسٽر پرفيڪٽ جي “سالي” بڻجن لاءِ بيچين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا ملڪا شراوت مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي ايندڙ فلم دنگل ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي جنهن لاءِ هن آڊيشن به ڏنو آهي.ڀارتي ميڊيا مطابق ملڪا شراوت سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته هو فلم“ دنگل” جو حصو بڻجڻ چاهي ٿي. ٻئي پاسي هڪ ڀارتي اخبار جو چوڻ آهي ته ملڪا شراوت فلم دنگل ۾ عامر خان جي سالي جي ڪردار لاءِ آڊيشن به ڏنو ۽ ان دوران هن لڌيانا جي خاص تلفظ ۾ جملا به ادا ڪيا.فلم دنگل جي ڪهاڻي ڀارتي اڳوڻي ريسلر مهاوير سنگهه ۽ ان جي ڌيئرن  جي وچ ۾ رشتي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار عامر خان نڀائي رهيو آهي جڏهن ته فلم جي عڪس بندي سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *