ملير ۾ پوليس پاران جعلي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل نوجوان جي لاڙڪاڻي ۾ تدفين، عدالت وينداسين: وارث

ملير/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) ملير ۾ پوليس پاران جعلي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل لاڙڪاڻي واسي نوجوان جي اباڻي ڳوٺ ۾ تدفين، ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي سنديلا برادري سميت آس پاس جي ڳوٺڻ جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، قتل خلاف وارثن پاران عدالت وڃڻ جو اعلان، تفصيل موجب: گهگهر جي علائقي مان گذريل ڏينهن 20 ورهين جي نوجوان امجد جج جو چچريل لاش مليو، نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي بدنام زمانه پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي قتل ڪري ولاش گهگهر جي علائقي ۾ لاوارث ڄاڻائي ڦٽو ڪيو، جنهن کي ايڌي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ 20 ورهين جي نوجوان امجد جج طور ڪئي وئي، وارثن موجب گذريل جمعي تي ملير جي عدالت مان سادا ڪپڙا پهريل اسٽِيل ٽائون ٿاڻي جي اهلڪار مقبول امجد جج کي ڪار ۾ کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو هو، نوجوان جي گهڻي ڳولا ڪئي وئي پر سندس جو ڪو به ڏس پتو نه مليو، گذريل رات گهگهر جي علائقي مان نوجوان جو چچريل لاش مليو جنهن کي اسٽيل ٽائون جي پوليس جعلي مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي لاوارث حالت ۾ ڦٽو ڪيو هو، جنهن جو مڙهه ايڌي حوالي ڪيو ويو هو، گذريل ڏينهن وارثن ايڌي جي سهراب ڳوٺ واري سرد خاني مان نوجوان جي سڃاڻپ ڪئي، بعد ۾ ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وصول ڪري لاڙڪاڻي لڳ ف ليگ جي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ قيصر سنديلو آندو ويو جتي گذريل شام سندس جي تدفين ڪئي وئي، نوجوان امجد جي جنازي نماز ۾ تعلقي ڏوڪري ۽ تعلقي باقراڻي سميت ٻين ڳوٺن مان سنديلا برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نوجوان جي قتل تي سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي، وارثن سان تعزيت جو سلسلو پڻ رات دير تائين جاري رهيو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي عدالت مان پوليس کنڀي گم ڪرڻ بعد جعلي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو اهي، هنن اعلان ڪيو ته نوجوان جي قتل جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس مٿان داخل ڪرايو ويندو، هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ سرڪار ۽ آئي جي سنڌ کان گهر ڪئي اهي ته نوجوان جي قتل جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *