ملير ۾ پوليس مقابلو، القاعده ۽ لشڪر جهنگوي جا 8 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار زخمي

ملير(رپورٽ: ناز شر) حساس ادارن ۽ پوليس جي بن قاسم جي علائقي پپري ۾ ڪاروائي، دهشتگردن طرفان پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ القاعده ۽ لشڪر جهنگوي سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگرد مارجي ويا. وڏي تعداد ۾ خودڪش جيڪيٽون، بم، هٿيار هٿيڪا، مارجي ويل دهشتگرد ڊي ايس پي فتاح سانگري سميت ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هئا.مقابلي ۾ چار پوليس اهلڪار پڻ زخمي تفصيل موجب ايس ايس پي ملير رائو انوار جي اڳواڻي ۾ ملير پوليس جي وڏي انگ بن قاسم ٿاڻي جي حد پپري لڳ نيشنل هاءِ وي روڊ ڀرسان دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي چڙهائي ڪئي ان دوران اتي موجود دهشتگردن پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ القاعده ۽ لشڪر جهنگوي سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگرد مقابلي ۾ مارجي ويا. جن مان 5 ڄڻن جي سڃاڻپ سهيل چشما ٽو، خليل، بلال، طلحه ۽ عبدالسلام جي نالي سان ٿي آهي باقي ٽن مارجي ويل دهشتگردن جي شناخت نه ٿي سگهي آهي. مقابلي دوران پوليس مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان خودڪشي جيڪيٽون، پريشر ڪڪر بم، ڪلاشڪوف، پسٽل ۽ وڏي انگ ۾ گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي. مقابلي ۾ چار پوليس اهلڪار، فيصل، سليم، اڪبر ۽ انار خان پڻ زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ ايس ايس پي ملير رائو انوار ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق القاعده ۽ لشڪر جهنگوي سان آهي، جيڪي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا، مارجي ويل دهشتگرد سهيل چشما ٽو ۽ ٻين جو تعلق القاعده فاروق ڀٽي عرف مسنا ۽ نعيم بخاري گروپ سان آهي جن ڪجهه عرصو اڳ ڊي ايس پي بن قاسم فتاح سانگري، ڊي ايس پي مجيد عباس، ڊپٽي جيل سپرنٽنڊنٽ ذوالفقار حيدر سميت پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هئا. گرفتار دهشتگردن وٽان برآمد ٿيل ڪلاشڪوفون سرڪاري آهن جيڪي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ بعد کسيو ويون هيون. هن چيو ته معاملي جي وڌيڪ تحقيقات ڪري رهيا آهيون ۽ هٿ آيل هٿيارن کي فرانزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *